بيان
آءُ ڊاڪٽر ڀڳوانداس پٽ مينگهراج ذات پٺئي، هندو، ويٺل ايمپائر روڊ لاڙڪاڻه جو چوان ٿو ته مان ٻارن جو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آهيان ۽ ڪجهه سال اڳ مان ريشم گلي لاڙڪاڻه ۾ رهندو هيس، جتي مون کي ٻارن جي علاج ڪرڻ جو سينٽر هيو ۽ هن وقت مان ايمپائر روڊ لاڙڪاڻه وٽ بمع اهل و عيال رهندو آهيان، جتي مون کي ٻارن جي علاج ڪرڻ جو سينٽر نالي ”پٺئي ميڊيڪل ائنڊ ويڪسينيشن سينٽر “ آهي. مون کي ۽ منهنجي گهر واري ڊاڪٽر ڀڳونت ديويءَ کي گڏيل زرعي زمين ديهه واهه نبي بخش تپو لاڙڪاڻه تعلقو لاڙڪاڻه ۾ آهي، جيڪا 14 سروي نمبرن تي مشتمل آهي، جنهن جا سرو نمبر 60/1, 60/2, 84/2, 94/2, 55/1, 55/2, 56/1, 57/1, 59/1, 96, 95/1, 95/2, 94/1 ۽ 92 آهن، جن جي ٽوٽل ايراضي 55 – 30 ايڪڙ آهي ۽ ان زمين جو قبضو پڻ مونکي ۽ منهنجي گهر واريءَ کي مليل هيو، جو اهڙو رڪارڊ پڻ مختيارڪار آفيس لاڙڪاڻه ۾ ديهه فارم Vii – B ۾ انٽري نمبر 3794 تاريخ 11 – 6 – 1997 ، 3795 تاريخ 11 – 6 – 1997 ۽ 3715 تاريخ 16 – 4 – 1997 جي تحت داخلا رکيل آهي ۽ پڻ منهنجي حصي جي زمين زرعي پاس بوڪ نمبر 423545 تاريخ 23 – 05 – 2001 تي چڙهيل آهي. جو اِها زمين مون ۽ منهنجي گهر واريءَ اِن ڪري خريد ڪئي هئي جو اسان اُن زمين تي هڪ پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال نالي “پٺئي ميڊيڪل ڪاليج ايئنڊ هاسپيٽل لاڙڪاڻه ” تعمير ڪرڻ پئي چاهيو. جو آوءُ پنهنجي مذڪوره زمين جو رڪارڊ ديهه فارم Vii – B هر سال چيڪ ڪندو رهندو هيس، جيڪا سال 2007 تائين به منهنجي نالي تي داخل ٿيل هئي، جو مونکي فيبروري 2006 خبر پئي ته منهنجي مذڪوره زمين جو ڪوڙو ۽ جعلي مختيار نامو ڪنهن شخص ٺهرايو آهي، جو اهڙي خبر عام اطلاع اخبار روزانه، عوامي آواز، ڪراچي جي تاريخ 15 ۽ 17 فيبروري 2006 ۾ ڇپرايو. پوءِ جيڪڏهن مون سب رجسٽرار آفيس لاڙڪاڻه مان جانچ ڪرائي ته خبر پئي ته منهنجي مذڪوره ۽ جعلي مختيار نامي جي آڌار تي وڪرو ڪري ڇڏي آهي جو مون ان ڪوڙي ۽ جعلي مختيار نامي جي ڦوٽو ڪاپي حاصل ڪئي جنهن ۾ منهنجي رهائش ريشم گليءَ جي ڏيکاريل هئي. پوءِ مون جعلي سيل ڊيڊ جي ڪاپي حاصل ڪئي جنهن مان معلوم ٿيو ته جوابدار موتي رام پٽ صدورو مل هندو ويٺل ڪرما باغ محله لاڙڪاڻه فراڊ ۽ جعلسازي ڪري مٿي ذڪر ڪيل گڏيل زمين مان منهنجي حصي جي 48 – 04 ايڪڙ ايراضيءَ جو هڪ ڪوڙو ۽ جعلي، اَن رجسٽرڊ، بغير ٽريزري اسٽيمپ ۽ صحيح جي جاري ٿيل ۽ بغير ڪنهن اسٽيمپ وينڊر جي اسٽيمپ نالي ۽ صحيح جي جاري ٿيل 500 روپين جي اسٽيمپ پيپر تي بغير ڪنهن پٽيشن رائيٽر يا بانڊ رائيٽر جي نالي ۽ صحيح جي تيار ڪيل ۽ منهنجي هڪ تصوير جيڪا ٻئي ڪنهن ڊاڪومينٽ تان لٿل استعمال ڪري، منهنجي جعلي لکت ۽ جعلي صحيح ڪري اهو جعلي ۽ ڪوڙو مختيار نامو عام تاريخ 26 – 07 – 2001 جو ٻين نامعلوم جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري ۽ جعلسازي ڪري تيار ڪيو آهي ۽ پڻ جوابدار موتي رام اهو ڪوڙو ۽ جعلي مختيار نامو عام غير قانوني طريقي سان اصلي ظاهر ڪري ۽ استعمال ڪري منهنجي حصي جي مذڪوره زرعي زمين جوابدار لعل بخش پٽ محمد ايوب ذات مڱريو ويٺل ڳوٺ مڱريو تعلقه ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻه کي تاريخ 01 – 05 – 2003 تي وڪرو ڪري ڏني آهي ۽ پڻ منهنجي صحيح سان اهڙي سيل ڊيڊ سب رجسٽرار آفيس لاڙڪاڻو ۾ رجسٽر ڪري ڏني آهي ۽ ان زمين جي قيمت ڦٻائي آهي ۽ جوابدار لعل بخش مڱريو منهنجي مٿي ذڪر ڪيل زمين مذڪوره جعلي ۽ ڪوڙي مختيار نامي عام جي تحت تيار ڪيل جعلي سيل ڊيڊ جي آڌار تي مختيارڪار آفيس لاڙڪاڻي ۾ ديهه واهه نبي بخش جي ديهه فارم Vii – B ۾ انٽري نمبر 6421 تاريخ 11 – 02 – 2004 جي تحت داخلا پڻ رکرائي آهي. پوءِ آءُ مذڪوره جوابدار موتي رام جي خلاف قانوني ڪاروائيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيس پر جوابدار موتي رام جي گهر ڇڏي وڃڻ ۽ ڪنهن نامعلوم هندو تي لڪي واڃڻ جي ڪري ڪابه قانوني ڪاروائي نه ٿي سگهي پوءِ جوابدار موتي رام شهر ۾ نظر آيو ته مون معلوم ڪيو ته خبر پئي ته جوابدار موتي رام بهار شاهه روڊ تي رهائش پذر آهي. جو تاريخ 16 – 06 – 2014 تي مون ٿاڻي مارڪيٽ تي اهڙي فرياد نمبر 69/2014 ڏوهه زيرِ قلم 420,468,471,427,34ppc جوابدار موتي رام لعل بخش مڱريو ۽ ٻين نامعلوم جوابدارن جي خلاف منهنجي زرعي زمين جعلسازيءَ سان ڪوڙي مختيارنامي تحت وڪرو ڪرڻ ۽ مونکي تقريباَ ٻن ارب روپين جو مالي نقصان پهچائڻ جي فرياد داخل ڪرائي. جو مذڪوره ڪيس جي جانچ SIP نظير احمد منگي SIO PS مارڪيٽ جي حوالي ٿي پوءِ تاريخ 17 – 06 – 2014 تي منهنجي مذڪوره FIR جناب سِوِل جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ II لاڙڪاڻو جي عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن اهڙو آرڊر تاريخ 17 – 06 – 2014 جاري ڪيو ته “جيئن ته هن ڪيس ۾ سرڪاري ملازمن جي طرفان رڪارڊ جي تبديلي ڪيل آهي، تنهنڪري قلم 420, 471 ۽ 468 ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ 1958 جي تحت شيڊول ڏوهه آهن، جيڪي آنريبل اسپيشل جج جي ٻُڌڻ جهڳا آهن، تنهنڪري اِها FIR ان عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي “ جو اهڙي حڪم تحت منهنجي FIR عدالت جناب اسپيشل جج اينٽيڪرپشن ۾ پيش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ قلم 5(2) اينٽيڪرپشن ايڪٽ پڻ شامل ڪيو ويو پوءِ دورانِ جانچ تاريخ 16 – 06 – 2014 تي مون ڪيس جي مٿين نالن وارن جانچ آفيسرن کي جاءِ واردات ٻين مشيرن (1) نثار احمد پٽ گاهي خان ذات ڀٽو ويٺل محله کوڙا نئوديرو لڳ صدر هائوس (2) ذالفقار علي پٽ نواب خان ذات ککراڻي ويٺل ڳوٺ مينگراج لاڙڪاڻو جي روبرو ڏيکاري، جنهن بروقت اهڙو “مشيرنامو جاءِ واردات ڏسڻ جو “ ٻنهي مشيرن جي موجودگيءَ ۾ انهن جي صحيحن سان جاءِ واردات تي تيار ڪيو، پوءِ تاريخ 17 – 06 – 2014 تي مون مذڪوره جانچ آفيسر کي ڪيس جا ضروري ڪاغذات پيش ڪيا، جنهن بروقت اهڙو، ”مشيرنامو ڪيس جي ضروري ڪاغذاتن پيش ڪرڻ جو“، مٿي ذڪر ڪيل مشيرن جي موجودگيءَ ۾ انهن جي صحيح سان تيار ڪيو ۽ پڻ ساڳيءَ تاريخ تي منهنجي گهر واري ڊاڪٽر ڀڳونت ديوي جانچ آفيسر وٽ P.S تي حاضر ٿي پنهنجو بيان زيرِ قلم 161 ڪپڪ قلم بند ڪرايو ۽ پڻ ڪيس جا وڌيڪ ڪاغذات مٿين مشيرن جي روبرو جانچ آفيسر وٽ پيش ڪيا، جنهن بروقت اهڙو ”مشيرنامو ڪيس جي ضروري ڪاغذاتن پيش ڪرڻ جو“ ٻنهي مشيرن جي موجودگيءَ ۾ ۽ انهن جي صحيح سان تيار ڪيو. جو منهنجي گهرواري پنهنجي مذڪوره بيان ۾ پنهنجي موقف جي حمايت ڪندي وڌيڪ ظاهر ڪيو ته منهنجي مذڪوره زمين جوابدار موتي رام ڪوڙو ۽ جعلي مختيارنامو سب رجسٽرار ۽ مختيارڪار لاڙڪاڻو ۽ ٻين واسطيدار عملدارن سان گڏجي ڪري رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري جوابدار لعل بخش مڱريو ۽ جوابدار بدرالدين ساريو جي نالي سان وڪرو ڪئي آهي جڏهن ته جوابدارن معشوق علي جتوئي ۽ ڳهڻو خان جتوئي جو مذڪوره زمين جي ڪجهه سروي نمبرن تي غير قانوني قبضو آهي، جن پڻ منهنجي زمين جي رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪئي آهي. جو جوابدار ڳهڻو خان ولد ڪرم خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي پٽ ڳهڻو خان جتوئي کي شهر جو هر هڪ ماڻهو سڃاڻي ٿو ته هو شهر جا لينڊ مافيا آهن، جيڪو انهن پاڻ ثابت ڪيو آهي ته اهي تمام وڏي اثر رسوخ وارا لينڊ مافيا جا ماڻهو آهن ڇو ته انهن ٻنهي جوابدارن منهنجي مذڪوره زمين ڪوڙي ۽ جعلي مختيار نامي جي آڌار تي غير قانوني طريقي سان ڦٻائي آهي. جيئن ته جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي تمام اثررسوخ ۽ سياسي پٺڀرائي وارا ماڻهو آهن، جنهن جي پهچ منسٽر ليول تائين آهي، تنهنڪري هن ڪيس ۾ منهنجي گهر واريءَ پاران نامزدگيءَ باوجود، ڪيس جي جانچ آفيسر کيس گرفتار ڪونه ڪيو ۽ نه صرف انهن جوابدارن کي پر ٻين نامزد جوابدارن کي پڻ جانچ آفيسر گرفتار ڪونه ڪيو ۽ سندس جي ملي نه سگهڻ جي ڪيس ڊائري ڀريندو رهيو ۽ پڻ ڪيس جي جانچ ٻي جانچ آفيسر نالي اظهر علي منگي کي ملڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار ڪونه ڪيو ويو ۽ ڪيس ڊائريءَ ۾ ساڳيو بهانو لکيو ويو، جڏهن ته مذڪوره جوابدار شهر جا مشهور ماڻهو آهن ۽ پنهنجي رهائش ۽ ڪاروبار جي جڳهن تي موجود رهندا آهن، جو انهن جي سياسي اثررسوخ ۽ سابق قانون جي وزير جي پٺڀريءَ جي ڪري انهن کي گرفتار ڪونه ڪيو ويو ۽ کين ڪورٽ سڳوريءَ مان زمانت قبل از گرفتار ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. جو تاريخ 28 – 06 – 2014 تي جوابدار موتي رام عدالت جناب اسپيشل جج اينٽيڪرپشن لاڙڪاڻو مان پنهنجي عبوري زمانت قبل از گرفتاري ڪرائي ۽ تاريخ 05- 07 – 2014 تي عدالت سڳوريءَ ۾ زمانت جا ڪاغذات جمع ڪرايا، جو عدالت سڳوريءَ P.S SHO مارڪيٽ کي اهڙو ليٽر نمبر 284 of 2014 لاڙڪاڻه تاريخ 05 – 07 – 2014 جوابدار موتي رام کي گرفتار نه ڪرڻ جو جاري ڪيو، جنهن جي ضمانت جي درخواست جو نمبر 61/2014 آهي. جو ان حڪم ۾ جوابدار موتي رام کي عدالت سڳوريءَ پابند ڪيو ته هو جانچ آفيسر وٽ پيش ٿي ڪري جانچ ۾ شامل ٿئي، پر جوابدار موتي رام مذڪوره حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي، جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي چوڻ تي جانچ آفيسر وٽ پيش ڪونه ٿيو، جو مون جوابدار موتي رام جي اهڙي قدم خلاف سندس جي عُبوري ضمانت خارج ڪرڻ لاءِ عدالت سڳوريءَ ۾ اهڙي درخواست تاريخ 05 – 08 – 2014 تي داخل ڪئي. جو جوابدار معشوق علي جتوئي پڻ تاريخ 26 – 07 – 2014 تي پنهنجي ضمانت جي درخواست نمبر 87/2014 جي ذريعي عدالت سڳوريءَ مان عُبوري ضمانت قبل از گرفتاري ڪرائي ۽ پڻ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي اهڙي ضمانت جي درخواست نمبر 88/2014 جي تحت تاريخ 26 – 07 – 2014 تي عُبوري ضمانت قبل از گرفتاري ڪرائي. جو بعد ۾ ٻين جوابدارن نالي لعل بخش مڱريو ۽ بدرالدين ساريو پڻ اهڙي عبوري ضمانت قبل از گرفتاري عدالت سڳوريءَ مان حاصل ڪئي. جو مذڪوره جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ معشوق علي جتوئي منهنجي مذڪوره ڪيس جي ضديت ۽ ان تان هٿ کڻائڻ ۽ پريشر ۽ حراسان ڪرڻ لاءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي خاندان کي بدنام ڪرڻ ۽ ايذائڻ خاطر جوابدار موتي رام ۽ سندس پٽ هريش ڪمار کي استعمال ڪيو ۽ انهن جا تذليل آميز، توهين آميز، بدنام ڪندڙ، ايذائيندڙ، ذهني تڪليف ڏيندڙ، ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام، بيان، احتجاج ۽ اپيلون پنهنجي اخبار روزانه ”فاسٽ ٽائيم“ لاڙڪاڻو جي تاريخن 19 – 07 – 2014, 24 – 06 – 2014, 20 – 07 – 2014, 23 – 07 – 2014, 24 – 07 – 2014, 25 – 07 – 2014, 26 – 07 – 2014, ۽ 27 – 07 – 2014 ۾ فرنٽ پيج تي ۽ وڏي سائيز ۾ ڇاپيا ۽ شايع ڪيا ۽ پڻ مذڪوره جوابدارن مون کي هيسائڻ ۽ زير بار ڪرڻ لاءِ ۽ مذڪوره ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ جوابدار موتي رام کي استعمال ڪندي ان جي پٽ هريش ڪمار جي ذريعي منهنجي خلاف، منهنجي پٽ نالي ڊاڪٽر راڪيش ڪمار، منهنجي ڪمدار احمد علي ککراڻي، منهنجي هاري ۽ شاهد ذوالفقار علي ککراڻي ۽ چوڪيدار نظير احمد ککراڻيءَ جي خلاف عدالت جناب سيشن جج ۽ جسٽس آف پيس لاڙڪاڻو ۾ هڪ درخواست نمبر 246/2014 تاريخ 28.06.2014 زيرِ قلم 22 – A&B (VII) ڪپڪ داخل ڪرائي، جنهن ۾ اسان جي خلاف هڪ بلڪل ڪوڙو ۽ بي بنياد وقعو ڏيکاريندي، PS SHO مارڪيٽ کي اهڙو حڪم اسان جي خلاف FIR داخل ڪرائڻ جو جاري ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو جو مذڪوره SHO جي رپورٽ مطابق ته اهڙو ڪوبه واقعو ڪونه ٿيو آهي ۽ درخواست گذارش هريش ڪمار پنهنجي والد موتي رام کي گرفتاريءَ کان بچائڻ خاطر اهڙي ڪوڙي درخواست ڪئي آهي ۽ پڻ مذڪوره جاءِ واردات P.S دڙيءَ جي حد ۾ آهي ۽ پڻ وڪيلن جي بحث کانپوءِ عدالت سڳوريءَ مذڪوره درخواست 12.08.2014 تي خارج ڪري ڇڏي. ان بعد جوابدارن ڳهڻو خان جتوئي ۽ معشوق علي جتوئي جوابدار موتي رام کي استعمال ڪندي هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ پنهنجي مذڪوره ڪيس جي جانچ آفيسر نالي نظير احمد منگي، منهنجي ۽ ٻين خلاف منهنجي مذڪوره FIR خارج ۽ ڪواش ڪرڻ ۽ پروٽيڪشن لاءِ هڪ بلڪل ڪوڙي ۽ بي بنياد آئيني درخواست نمبر D-810/14 تاريخ 16.07.2014 داخل ڪرائي تاڪه مون کي زيربار ۽ پريشر ڪري سگهن، جيڪا عدالت سڳوريءَ زيرِسماعت آهي. تنهن بعد وري حاجي ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي، جوابدار موتي رام جي ذريعي تاريخ 05.08.2014 تي هڪ درخواست نمبر 295/14 زير قلم 22-A&B ڪپڪ عدالت جناب سيشن جج ۽ جسٽس آف پيس لاڙڪاڻو ۾ داخل ڪرائي جنهن ۾ ٻيهر هڪ ڪوڙو ۽ بي بنيادي واقعو ڏيکاريندي منهنجي ۽ منهنجي پٽ ڊاڪٽر راڪيش ڪمار، منهنجي مٿيئن نالي واري ڪمدار، هاري/شاهد ۽ چوڪيدار جي خلاف FIR داخل ڪرڻ لاءِ P.S SHO دڙيءَ کي حڪم جاري ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو . جو P.S SHO دڙي جي اهڙي رپورٽ مطابق ته اهڙو ڪوبه واقعو پيش ڪونه آيو آهي ۽ ڌُرين ۾ سِوِل تڪرار هلندڙ آهي ۽ ملڪيت تي ڪيس هلندڙ آهن، جو درخواست گذار مخالفن کي پريشرائيز ڪرڻ لاءِ اهڙو ڪوڙو واقعو ٺاهيو آهي ۽ پڻ وڪيلن جي بحث مباحثي کان پوءِ عدالت سڳوريءَ اهڙي درخواست تاريخ 08.08.2014 تي خارج ڪري ڇڏي تنهن کان پوءِ مذڪوره جوابدار ڳهڻو خان جتوئيءَ ۽ معشوق علي جتوئيءَ هڪ دفعو ٻيهر جوابدار موتي رام کي استعمال ڪندي، منهنجي، منهنجي پٽ، منهنجي مذڪوره ڪمدار، هاري ۽ چوڪيدار خلاف FIR داخل ڪرائڻ لاءِ P.S SHO دڙيءَ کي اهڙو حڪم جاري ڪرڻ لاءِ اهڙو آئين درخواست نمبر S – 861/2014 تاريخ 29.08.2014 هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ کي داخل ڪرائي، جيڪا پڻ عدالت سڳوريءَ پنهنجي حڪم تاريخ 07.09.2015 تي خارج ڪري ڇڏي . جو بعد ۾ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدرا معشوق علي جتوئي، هريش ڪمار پٽ موتي رام کي اسستعمال ڪندي، مون کي پريشرائيز ڪرڻ لاءِ منهنجي خلاف ۽ منهنجي پٽ ۽ منهنجي ڪمدار، هاري/شاهد ۽ چوڪيدار جي خلاف عدالت جناب سِوِل جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو ۾ هڪ ڪوڙي ڊائريڪٽ ڪمپلينٽ نمبر16/2014 داخل ڪرائي جنهن ۾ هڪ ڪوڙو ۽ بي بنياد ۽ جُڙتو واقعو ڏيکاريو ويو، جيڪا تاريخ 04.12.2014 تي معزز عدالت رد ڪري ڇڏي . جو جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي نه صرف جوابدار موتي رام ۽ سندس پٽ هريش ڪمار کي استعمال ڪندي انهن جي ذريعي مٿي ذڪر ڪيل ڪوڙا ۽ بي بنياد توهين آميز ۽ دل آزار ۽ بدنام ڪندڙ الزامات ۽ بيان ۽ احتجاج پنهنجي مذڪوره اخبار ۾ شايع ڪيا ۽ مٿي ذڪر ڪيل ڪوڙا ڪيس مختلف ڪوڙٽن ۾ داخل ڪرايا پر جوابدار معشوق علي جتوئيءَ پاڻ به اهڙا ڪوڙا ڪيس هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سرڪٽ ڪورٽ آف پيس لاڙڪاڻو ۾ داخل ڪيا، جن ۾ هڪ ڪرمنل مسلينيس ايپليڪيشن نمبر 189 سال 2014 تاريخ 20.08.2014 تي مذڪوره ڪيس جي جانچ آفيسر نظير احمد منگيءَ منهنجي خلاف ۽ پڻ ٻين جي خلاف مذڪوره FIR ڪُواش ڪرڻ ۽ پروٽيڪشن لاءِ داخل ڪرائي جيڪا معزز عدالت ۾ زيرِ سماعت آهي، جڏهن ته جوابدار معشوق علي جتوئي تاريخ 22.08.2014 تي پڻ هڪ ڪوڙي آئيني درخواست نمبر 834/2014 P.S SHO بقاپور ۽ منهنجي خلاف حزاسمينٽ جي C.P هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سرڪٽ ڪورٽ، لاڙڪاڻو ، ۾ داخل ڪرائي جيڪا پڻ عدالت سڳوريءَ پنهنجي آرڊر تاريخ 09.09.15 تي خارج ڪري ڇڏي . جو جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي مون کي وڌيڪ حراسان ڪرڻ ۽ پريشر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مذڪوره اخبار ۾ ڪم ڪندڙ اندن ملازم نالي منير حسين ڀٽي جي ذريعي عدالت جناب سيڪنڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو ۾ هڪ ڪوڙي ڊائريڪٽ ڪمپلينٽ نمبر 02/2014 منهنجي خلاف هڪ بلڪل ڪوڙو، بي بنياد ۽ جُڙتو واقعو ڏيکاريندي داخل ڪرائي، جيڪا پڻ معزز عدالت پنهنجي آرڊر تاريخ 05.03.2015 جي تحت رد ڪري ڇڏي . جو جوابدار ڳهڻو خان جتوئي، جوابدار معشوق علي جتوئي، جوابدار موتي رام، جوابدار لعل بخش مڱريو ، جوابدار بدرالدين ساريو، منير حسين ڀٽي ۽ محمد اسلم شيخ پاڻئي ۾ ٻڌل آهن ۽ هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون آهن، جيڪي هميشه هڪ ٻئي کان لاتعلقي ظاهر ڪندا رهندا آهن. جو انهن جو تعلق ان ڳالهه مان به ثابت ٿئي ٿو ته منير حسين ڀٽي جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئيءَ جي چوڻ تي هن ڪيس ۾ جوابدار موتي رام جي عُبوري ضمانت قبل از گرفتاريءَ ۾ ان جو ضامن پيو آهي. جو جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي مون کي وڌيڪ حراسان ڪرڻ، پريشرائيز ڪرڻ ۽ بدنام ڪرڻ ۽ زهني ۽ جسماني ازيعت ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ منهنجي مذڪوره ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ پنهنجي مذڪوره اخبار ۾ ڪم ڪندڙ سندن هڪ ٻئي ملازم نالي محمد اسلم شيخ جي ذريعي منهنجي خلاف عدالت جناب سيشن جج لاڙڪاڻو ۾ تاريخ 08.01.2015 تي هڪ بلڪل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڊائريڪٽ ڪمپلينٽ نمبر 09/2015 داخل ڪرائي، جيڪا معزز سيشن جج صاحب عدالت جناب پنجون ايڊيشنل سيشن جج لاڙڪاڻو ڏانهن ٽرانسفر ڪئي جيڪا پڻ معزز عدالت پنهنجي آرڊر تاريخ 12.09.2015 جي تحت رد ڪري ڇڏي. جو جوابدر معشوق علي جتوئي جي ۽ جوابدار موتي رام ۽ سندس پٽ هريش ڪمار جي اهڙن ڪوڙن ۽ بي بنياد ڪيسن ۽ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي طرفان پنهنجي مذڪوره اخبار ۾ پنهنجي طرفان ۽ جوابدار موتي رام ۽ سندس پٽ هريش ڪمار جي طرفان منهنجي خلاف، منهنجي گهر واري جي خلاف ۽ منهنجي پٽ جي خلاف بي بنياد، توهين آميز، تذليل ڪندڙ، دل آزار، بدنام ڪندڙ ۽ ذهني ۽ جسماني ازيت ۾ مبتلا ڪندڙ ۽ مالي نقصان رسائيندڙ بيان، احتجاج ۽ اپيلون شايع ڪرڻ ۽ شاپڻ جي خلاف ۽ پڻ سندن جي ذڪر ڪيل ملازمن ۽ ٻين ملازمن جي خلاف مون ۽ منهنجي گهر واريءَ اهڙا ڪرمنل ۽ سِوِل ڪيس معزز عدالتن ۾ داخل ڪرايا آهن، جيڪي پڻ زيرِ سماعت آهن. جيئن ته جوابدار ڳهڻو خان جتوئي، جوابدار معشوق علي جتوئي ۽ جوابدار موتي رام منهنجي مذڪوره ڪيس FIR نمبر 69/2014 ۾ عدالت سڳوريءَ مان حاصل ڪيل سندن عبوري ضمانت قبل از گرفتاريءَ کي منهنجي خلاف انتقامي طور استعمال ڪندي منهنجي خلاف، منهنجي گهر واري، منهنجي پٽ، منهنجي ڪمدار، هار/شاهد ۽ چوڪيدار جي خلاف ناجائز استعمال ڪندي مٿي ذڪر ڪيل ڪيس داخل ڪرايا ۽ توهين آميز بيان، احتجاج ۽ اپيلون شايع ڪيون ۽ ڪرايون، جو سندن اهڙي ناجائز عمل خلاف مون سندن جي عبوري ضمانت قبل از گرفتاري رد ڪرائڻ لاءِ عدالت جناب اسپيشل جج اينٽيڪرپشن لاڙڪاڻو ۾ اهڙيون درخواستون داخل ڪرايون، جيڪي پڻ معزز عدالت ۾ زيرِسماعت آهن. جڏهن ته اڃا به وڌيڪ انتقامي ڪاروائي ڪندي جوابدار معشوق علي جتوئي پاڻ ۽ پنهنجي ٻين ملازمن جي طرفان منهنجي خلاف، منهنجي گهر واري جي خلاف ۽ منهنجي ملازمن جي خلاف وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ته جيئن مونکي حراسان ۽ پريشرائيز ڪري سگهي، جيڪي ڪيس پڻ مجاز عدالتن ۾ زيرِسماعت آهن جيئن ته جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي لاڙڪاڻي جا ڄاتل سڃاتل آثر رسوخ واري لينڊ مافيا آهن جڏهن ته جوابدار معشوق علي جتوئي انچارج ميڊيا سيل پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ آهي جن جي پنهنچ منسٽر ليول تائين آهي. تنهن ڪري سندن خلاف داخل ڪيل منهنجي ڪيس جي جانچ تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ انهن پنهنجي اثر روسوخ ڪيس جي جانچ آفيسرن ۽ لاڙڪاڻو پوليس تي ڀرپور انداز ۾ استعمال ڪيو. جو نتيجي طور مذڪوره جانچ تمام سست رفتاري سان ٿيڻ لڳي جو منهنجي مسلسل عرض ڪرڻ تي جنابِ انچارج ليگل برانچ SSP آفيس لاڙڪاڻو پنهنجي آفيس ليٽر نمبر LB – 70/2014 تاريخ 04.07.2014 تحت P.S SHO مارڪيٽ کي حڪم ڪيو ته ڪيس جو انٽم چالان زيرِ قلم 344 ڪپڪ نامزد جوابدارن جي خلاف عدالت سڳوريءَ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جانچ آفيسر کي حڪم ڪيو ويو ته ڪيس جي جانچ مقرر وقت اندر مڪمل ڪئي وڃي ۽ ليگل برانچ کي آخري قانوني راءِ جي لاءِ موڪليو وڃي جو اهڙي حڪم باوجود نامزد جوابدار گرفتار ڪونه ڪيا ويا ۽ ڪيس جو انٽم چالان پيش ڪونه ڪيو ويو. جو بعد ۾ 09.07.2014 تي جنابِ SSP لاڙڪاڻو پنهنجي آفيس ليٽر نمبر CR/2791-92 تاريخ 09.07.2014 تحت ڪيس جي جانچ P.S SHO وليد لاڙڪاڻو ڏانهن ٻيهر جانچ ڪرڻ ۽ جانچ مڪمل ڪري چالان عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو پر پوءِ به روپوش جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ۽ نه ئي مذڪوره چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جو جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئيءَ جي اهڙي سياسي پريشر سبب جانچ آفيسر جي سُست ۽ جانبدار جانچ کان غير مطمئن ۽ تنگ ٿي مون DIG لاڙڪاڻو کي جانچ ڪنهن ٻئي ايماندار بهادر ۽ ذهين پوليس آفيسر ڏانهن ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. جو معزز DIG صاحب پنهنجي حڪم نمبر R/CR/25245-47/2014 تاريخ 22.07.2014 تحت ڪيس جي جانچ ان وقت جي S.P سٽي شڪارپور ڏانهن غير جانبدار شفاف ۽ ايماندارنه جانچ ڪرڻ لاءِ ٽرانسفر ڪئي. ان دوران ڪيس جي ان وقت جي جانچ آفيسر اظهر علي منگي ڪيس جو انٽيرم چالان تاريخ 23.07.2014 تي عدالت سڳوريءَ ۾ جمع ڪرايو. جو ڪيس جي مزيد جانچ جنابِ SP سٽي شڪارپور مسٽر ڪامران نواز کي موصول ٿيڻ تي هُن اهڙي جانچ پنهنجي ماتحت SIP لعل بخش مڱڻيجو P.S SIO نيو فوجيداري شڪارپور کي پنهنجي نگرانيءَ هيٺ غير جانبدار ۽ شفاف جانچ ڪرڻ ۽ اهڙي رپورٽ زيرِقلم 173 ڪپڪ مجاز عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سندن حوالي ڪئي جو ان دوران جنابِ ڪامران نواز ASP سٽي شڪارپور کي بدلي ڪري SP هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو مقرر ڪيو ويو. جنهن اهڙي چارج تاريخ 11.08.2014 تي سنڀالي، تنهن ڪري منهنجي ڪيس جي جانچ SIP غلام مصطفيٰ سانڊاڻو P.S SIO دڙي لاڙڪاڻو کي زيرِ نگراني جناب ڪامران نواز SP هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو جي، بذريعه ڪيس ڊائري تاريخ 20.08.2014، شفاف ۽ غيرجانبدار جانچ ڪرڻ ۽ رپورٽ زيرِ قلم 173 ڪپڪ مجاز عدالت ۾ جمع ڪرڻ لاءِ ڏني وئي. پر جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئيءَ جي سياسي اثررسوخ ۽ پريشر جانچ آفيسر ۽ پوليس آفيسر تي جاري ۽ برقرار رهيو ۽ ان دوران سندس جو پريشر صوبائي گهرو وزير جي ذريعي استعمال ڪيو ويو بحرال منهنجي اطمينان ۽ ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪرڻ ۽ آخري فائدو جوابدارن کي پهچائڻ ۽ مون کي نقصان رسائڻ خاطر ڪيس جي جانچ مذڪوره آفيسر شروع ڪئي ۽ تاريخ 21.08.2014 تي منهنجو ”وڌيڪ بيان فريادي“ قلمبند ڪيو، جنهن ۾ مون بيان ڪيو ته جيئن ته هن ڪيس ۾ ڏوهه زيرِ قلم (2) 5 اينٽيڪرپشن ايڪٽ / شامل ڪيو ويو آهي، ان ڪري ٻيا سرڪاري ۽ پرائيويٽ جوابدار جيڪي جوابدار موتي رام سان شامل گناههگار آهن انهن لاءِ هي وڌيڪ بيان ڏيان ٿو ته ان ڪوڙي ۽ جعلي ۽ اڻ رجسٽرڊ ٿيل مختيارنامي ۾ ڏيکاريل ٻه شاهد هر هڪ جوابدار (1) غلام حيدر پٽ قصارو شيخ ويٺل علي آباد تعلقه باڪراڻي (2) منٺار علي پٽ نيڪ محمد مگسي ويٺل ڳوٺ غلام مگسي تعلقه ڏوڪري ۽ ٻه نامعلوم شخص جن مان هڪاهو اسٽامپ وينڊر جنهن 500 روپين جي اسٽامپ پيپر تي 165 تاريخ 26.07.2001 لکي بغير ٽريزري آفيسر جي صحيح ۽ مُهر جي بغير جوابدار موتي رام جي صحيح وٺڻ جي، موتي رام ولد صدورومل ويٺل ڪرمان باغ جو نالو لکيو آهي ۽ وڪرو ڪيو آهي ۽ ٻيو اهو سخص جنهن ان ڪوڙي ۽ جعلي اسٽيمپ پيپر تي ڪمپيوٽر جي ذريعي، ڪنهن جي صحيح ۽ نالي جي لکت ڪئي ۽ شاهدن جون بغير انهن جي NIC ڪارڊن جي نمبر لکڻ جي صحيحيون ورتيون. ان سان گڏوگڏ سرڪاري ملازم جوابدار مسعود احمد ٻڳهيو پٽ نامعلوم ويٺل انصاري محله لاڙڪاڻو لڳ ڪراچي ميڊيڪوز جي، منهنجي موجودگيءَ جي بغير، منهنجي اصل صحيح ۽ مرضيءَ جي بغير ۽ منهنجي اصل NIC ڏسڻ جي بغير، منهنجي پاران ڪوڙي تحرير ڪري، بغير جوابدار موتي رام جي صحيح جي، غير قانوني طرح، اسسٽنٽ مختيارڪار ڏوڪري جي حيثيت سان صحيح ڪري، تاريخ ۽ مُهر لڳائي ڪوڙي تصديق ڪئي، جنهن جي ڪاپي اڳ پيش ڪري چڪو آهيان. ان بعد تاريخ 09.05.2003 تي ان ڪوڙي ۽ جعلي مختيارنامي جي آڌار تي جوابدار غازي دربان تپيدار ديهه واهه نبي بخش تعلقو لاڙڪاڻو ۽ جوابدار بخش علي جتوئي سپروائيزنگ تپيدار سان ملي ڀڳت ڪري جوابدار مسعود احمد ٻڳهيو بحيثيت مختيارڪار جي ٻه فرد سرٽيفڪيٽ (سيل سرٽيفڪيٽ)، هڪ (ٻن داخلائن 3794 ۽ 3795 دهن سروي نمبرن جو جيڪي اڳ FIR ۾ ڏيکاريل آهن، جن جي ايراضي 32 ايڪڙ 11 گُهنٽه آهي) جو ۽ ٻيو (داخلا 3715 چار سروي نمبرن جو، جنهن جي ايراضي 15 ايڪڙ 33 گُهنٽه آهي) جو، منهنجي نالي تي جاري ڪيا ۽ انهن ٽنهي جوابدارن ملي ڀڳت ڪري، انهن جوڏهن سروي نمبرن جي ”ستين فارم“ جي ٽُرو ڪاپي ٺاهڻ جي بغير، آفيس رڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ٺهرائي، ان تي صحيح ڪري ۽ مُهر هئي، انهن کي غير قانوني طرح تيار ڪيو ۽ منهنجي اڳ ۾ سب رجسٽرار لاڙڪاڻو جي آفيس ۾ڪنهن سيل ڊيڊ ۾ استعمال ڪيل NIC ڪارڊ جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپيءَ جي فوٽو ڪاپي ڪرائي، ان تي غير قانوني طرح ٻنهي طرفن کان ڪوڙيون تبديليون ڪيون ۽ ”فار رجسٽرار آفيس“ کي ڊاهي، ان تي ”فار پاور آف اٽارني“ لکيو ۽ صحيح ۾ پڻ تبديلي ڪئي ۽ ڀڳوانو جي جڳهه تي ڀڳوانداس لکيو، جيڪا لِکت پڻ جعلي آهي، جنهن جون ڪاپيون اڳ پيش ڪري چڪو آهين. پوءِ تاريخ 10.05.2003 تي ٻن شاهدن جوابدار طالب حسين پٽ محمد حسن انڙ ويٺل علي آباد تعلقو ڏوڪري ۽ جوابدار عبدالحفيظ پٽ عل فل سومرو ويٺل ڳوٺ سيد بچل شاهه جي صحيحن سان ۽ انهن جي سامهون پندرهن هزار روپين جي دستاويز تي جوابدار لعل بخش پٽ محمد ايوب مڱريو جي خريد ٿيل دستاويز تي اسٽامپ وينڊر ۽ رائيٽر جوابدار سڪندر علي پٽ محمد بخش جتوئيءَ کان لکت ڪرائي مٿي ٻڌايل ڪوڙا ڪاغذ شامل ڪري جوابدار وزير حسين سولنگي سب رجسٽرار لاڙڪاڻو کي پيش ڪيا، جنهن غير قانوني طرح منهنجي اصل NIC ڪارڊ ڏسڻ جي بغير، مون کان ويريفاءِ ڪرڻ جي بغير، ان ڪوڙي ۽ جعلي مختيارنامي جي آڌار تي تيار ڪيل ڪوڙي سيل ڊيڊ کي رجسٽرڊ ڪرڻ جي لاءِ جوابدرا موتي رام کان جوابدار وزير حسين سولنگي پنهنجي آفيس جي رجسٽريشن بوڪ تي صحيح ۽ آڱوٺو هڻائي ورتو ۽ دستاويز تي پڻ جوابدار موتي رام کان صحيحون ورتيون ۽ هڪ ئي ڏينهن جي اندر يعني 10.05.2003 تي سڀ ڪاروايون پوريون ڪري، جلدبازي ڪندي، رجسٽريشن مڪمل ڪري ورتي ۽ اهي سڀ جوابدار هن ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ ٿيا ۽ جوابدار موتي رام ان سيل ڊيڊ/وڪري جي رقم 500،000 اکرين پنج لک پڻ وصول ڪرڻ جي لکت ڪئي، اهڙا ڪاغذات مون اک سيل ڊيڊ 1 ڪري پيش ڪري چڪو آهيان. بعد ۾ تاريخ 11.02.2004 تي جوابدار لعل بخش مڱريو سرڪاري جوابدار غازي خان دربان تپيدار ديهه واهه نبي بخش لاڙڪاڻو ۽ سرڪاري جوابدار بخش علي زنگيجو سپروائيزنگ تپيدار ۽ سرڪاري جوابدار نظام جتوئي بحيثيت اسسٽنٽ مختيارڪار لاڙڪاڻو ۽ جوابدار سڪندر علي چانڊيو مختيارڪار لاڙڪاڻو جي ملي ڀڳت سان، ان ڪوڙي ۽ جعلي مختيارنامي جي آڌارتي ٻين ڪاغذات تي ٺهيل پهرئين سيل ڊيڊ جي سرڪاري دهه واهه نبي بخش جي بوڪ فارم ستون(ب) ۾ انٽري نمبر 6421/11.2.2004 جي تحت داخلا رکي ۽ قانون جي ابتڙ پراڻي داخلا جو ڪالم 3 خالي رکيو. اهڙي رکيل داخلا جي ٽُرو ڪاپي ڏيکاري فوٽو ڪاپي اڳ پيش ڪري چڪو آهيان. پوءِ جوابدار لعل بخش مڱريو تاريخ 02.05.2004 تي جوابدار غازي خان داربان تپيدار، جوابدار بخش علي زنگيجو سپروائيزنگ تپيدار ۽ سرڪاري جوابدار ممتاز علي چنو مختيار ڪار لاڙڪاڻو سان ملي ڀڳت ڪري، غير قانوني طرح مذڪوره 48-4 ايڪڙ زمين جو هڪ فرد سرٽيفڪيٽ (سيل سرٽيفڪيٽ) ٺهرايو، جنهن ۾ قانون جي اپتڙ پراڻي داخلا ڏيکاريل ڪونه آهي، اهڙي سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي پيش ڪيان ٿو. ان سان گڏ هڪ ”ستين فارم“ جي ٽُرو ڪاپي انهن ئي جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري ٺهرائي، جنهن ۾ پڻ پراڻي داخلا جو ڪالم 3 خالي رکيل آهي، بعد ۾ ٻن شاهدن هڪ شمشاد علي پٽ محرم علي جوکيو ويٺل خيرمحمد آريجا تعلقو باڪراڻي ۽ ٻيو جوابدار زاهد حسين پٽ غلام محرم قادر کوکر ويٺل سيد غلام قادر شاهه تعلقو لاڙڪاڻو جي صحيحن سان جوابدار سڪندر علي پٽ محمد بخش جتوئي اسٽامپ وينڊر/رائيٽر کان 15300/= روپين جي دستاويز تي جوابدار بدرالدين ساريو پٽ مجنون خان ساريو ويٺل ساريه محلو باڊهه تاريخ 20.11.2004 جي خريد ٿيل دستاويز تي 23.11.2004 تي لکت ڪرائي ۽ جوابدار بدرالدين ساريو کي وڪرو ڪري 510,000/= روپين ۾ وڪرو ڪئي ۽ 04.12.2004 تي جوابدار وزير حسين سولنگي سب رجسٽرار لاڙڪاڻو جي آفيس ۾ رجسٽريشن بوڪ تي جوابدار لعل بخش مڱريو آڱوٺو هنيو ۽ دستاويزن تي پڻ صحيحون ڪري وڪرو ڪيو ۽ اهڙي سيل ڊيڊ تيار ڪري ورتي، جيڪا جوابدار وزير حسين سولنگي غيرقانوني طرح سان رجسٽرڊ ڪئي ۽ ساڳي تاريخ 04.12.2004 تي رجسٽريشن 3431 سان اها رجسٽريشن ٿي ۽ بعد ۾ ان غير قانوني سيل ڊيڊ 2 کي مائڪروفلم تي داخلا پڻ رکي وئي، جنهن جي فوٽو ڪاپي ”ستين فارم “ سان گڏ پيش ڪيان ٿو ، پوءِ جوابدار بدرالدين ساريو 10.03.2006 تي جوابدار سليم احمد منگي تپيدار ديهه واهه نبي بخش ۽ جوابدار ممتاز علي چنو مختيارڪار لاڙڪاڻو سان ملي ڀڳت ڪري اهڙي غير قانوني داخلا 7751 تاريخ 10.03.2006 روينيو رڪارڊ فارم VII B جي ديهه واهه نبي بخش تپو ابڙا تعلقو لاڙڪاڻو ۾ رکرائي ۽ غير قانوني طرح پراڻي داخلا وارو ڪالم نمبر 3 خالي رکيو، جنهن جي فوٽو ڪاپي پيش ڪيان ٿو. جيئن ته بذريعه نمبر 587/2006 تاريخ 11.03.2006 تي لآڙڪاڻي جي ان وقت جي بالا آفيسر ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر جوابدار بشير احمد عباسي مختيارڪار کي فرد سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لکت ۾ منع ڪئي وئي، جنهن جي ڪاپي پيش ڪيان ٿو، ان جي باوجود جوابدار بدرالدين ساريو ، سرڪاري جوابدار سليم احمد منگي تپيدار ۽ جوابدار بشير احمد عباسي مختيارڪار لاڙڪاڻو ملي ڀڳت ڪري غيرقانوني طرح مذڪوره زمين جي ايراضي 48-4 ايڪڙ جو تاريخ 21.03.2007 تي فرد سرٽيفڪيٽ ٺهرايو ۽ ساڳي تاريخ 21.03.2007 تي جوابدار بدرالدين ساريو، جوابدار سليم احمد منگي تپيدار۽ جوابدار ممتاز علي چنو لاڙڪاڻو کان ديهه واهه نبي بخش جي مذڪوره 48-4 ايڪڙ زمين جي ”ستين فارم“ جي ٽرو ڪاپي ٺهرائي، جنهن ۾ پراڻي داخلي ڪونه ڏيکاري هئي، جنهن فوٽو ڪاپي پيش ڪيان ٿو . ان بعد تاريخ 22.03.2007 تي جوابدار بدرالدين ساريو ٻن شاهدن جوابدار شاهنواز پٽ رب رکيو ميمڻ ويٺل غالب نگر لڳ ذوالفقار باغ لاڙڪاڻو ۽ جوابدار اظهر علي پٽ شفيق احمد چانڊيو ويٺل اولڊ بس اسٽينڊ شاهه آباد محلو لاڙڪاڻو جي اهن جي صحيح سان 30 هزار روپين جا محمدي بلڊرز جي نالي سان خريد ڪيل دستاويز جوابدار سڪندر علي جتوئي اسٽامپ وينڊر کان لکت ڪرائي 10 لک روپين ۾ ميسرس محمدي بلڊرز پرائيويٽ لميٽيڊ رائل سٽي روڊ لاڙڪاڻو معرفت مئنيجنگ ڊائريڪٽر جوابدار حاجي ڳهڻو خان ولد ڪرم خان جتوئي کي تاريخ 22.03.2007 ۾ وڪرو ڪري، جوابدار فرمان علي عباسي پٽ قربان علي عباسي سب رجسٽرار لاڙڪاڻو جي سامهون صحيح ڪئي ۽ رجسٽريشن بوڪ تي آڱوٺو هنيو ۽ جوابدار بدرالدين ساريو 10 لک روپيا وصول ڪيا ۽ جوابدار فرمان علي عباسي تاريخ 22.03.2007 تي غير قانوني طرح ان سيل ڊيڊ کي رجسٽر ڪيو ۽ 31.03.2007 تي مائڪروفلم جي رڪارڊ ۾ اها سيل ڊيڊ ٻين ڪاغذن سان گڏ رڪارڊ تي آئي. جيئن ته جوابدار معشوق علي جتوئي ۽ جوابدار سڪندر علي جتوئي ٻئي پٽ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي جا ميسرس محمدي بلڊرس جي ڊائريڪٽرن جي حيثيت ۾ ان گناهه ۾ شامل آهن. بعد ۾ ميسرس محمدي بلڊرس پنهنجي ڊائريڪٽرن جوابدار حاجي ڳهڻو خان ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي ۽ جوابدار سليم احمد منگي تپيدار ديهه واهه نبي بخش ۽ سرڪاري جوابدار بشير احمد عباسي مختيارڪار لاڙڪاڻو سان ملي ڀڳت ڪري تاريخ 11.04.2007 تي ان سيل ڊيڊ کي روينيو رڪارڊ جي فارم ”ستين بي“ ديهه واهه نبي بخش ۾ داخلا 8659 تاريخ 11.04.07 تحت رکي وئي. جيئن ته اڳ مٿي ذڪر ڪيل ٻن ”ستين فارمن“ ۾ هڪُ 6421 ۽ ٻيو 7751 تاريخ 10.03.06 جي ڪالم 3 پراڻي داخلا جا ڪالم خالي رکيل هئا ۽ ان ۾ ڪابه داخلا رکيل ڪونه هئي، پر جوابدار حاجي ڳهڻي ۽ حاجي معشوق علي جتوئيءَ جوابدار اقبال احمد تنيو ويٺل نظر محلو کان مختيارڪار جي حيثيت ۾ بغير ڪنهن بالا آفيسر کان اجازت وٺڻ جي، داخلا 6421 تاريخ 11.02.04 جي پهرين ”فارم ستين بي“ ۾ چار انٽريون پراڻي داخلائن جون ڪرايون، جنهن جي لکت ۽ مَسُ جي ڪلر مان صاف ظاهر آهي ته اهي بعد ۾ ڪيون ويون آهن ۽ داخلا 7751 تاريخ 10.03.2006 ٻئي ”فارم ستين بي“ جي ڪالم 3 ۾ پراڻي داخلا غير قانوني طرح رکي. اهڙيون 6 عدد ستين فارمن جون ڪاپيون پيش ڪيان ٿو. بعد ۾ جوابدار حاجي ڳهڻو خان جتوئي، جوابدار معشوق علي جتوئي، جوابدار محمد نواز بروهي پٽ نور احمد بورهي ويٺل لڳ درگاهه مشوري شريف لاڙڪاڻو، جوابدار غلام الله جتوئي پٽ بشير احمد جتوئي، جوابدار هزارو خان جتوئي، جوابدار محمد صلاح پٽ چاڪر خان جتوئي، بخشل پٽ هاشم علي جتوئي، جوابدار ذوالفقار پٽ هاشم علي جتوئي سان ملي ڀڳت ڪري منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ان ۾ رستا ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ جيڪڏهن ڪنهن انهن کان پلاٽ خريد ڪيا آهن ته اهي به جانچ بعد ان ڪيس جا جوابدار بڻبا. جڏهن ڇهين ايڊيشنل سيشن جج صاحب لاڙڪاڻو جي ڪورٽ سڳوري مان رپورٽ 4458 تاريخ 04.10.2007 تي گُهري وئي مختيارڪار لاڙڪاڻو کان، ته جوابدار حاجي ڳهڻي خان ۽ جوابدار حاجي معشوق علي جتوئي جي ملي ڀڳت سان سرڪاري جوابدار سليم منگي ۽ سرڪاري جوابدار بشير احمد مختيارڪار لاڙڪاڻو پنهنجي رپورٽ 4966107 تاريخ 10.10.2007 ۾ غلط بياني ڪندي لکيو ته سروي 60/1 ۽ 60/2 ڊاڪٽر ڀڳوانداس رجسٽرڊ سيل ڊيڊ جي ذريعي جوابدار لعل بخش کي وڪرو ڪيو آهي ۽ ڪوڙي ۽ جعلي مختيارنامي کي غيرقانوني طرح لڪائي ڇڏيو ۽ منهنجي ڪيس کي سخت نقصان پهچايو، جنهن جي فوٽو ڪاپي پيش ڪيان ٿو. اهڙي نموني سان مٿي ڄاڻايل جوابدار مون کي ملي ڀڳت ڪري، جعلسازي ڪري رڪارڊ جي ڦيرڦار ڪري، قبضو ڪري، ٻن ارب روپين جو نقصان ڏنو آهي. اهڙي طرح جو مون ڪيس جي جانچ آفيسر وٽ پنهنجو اهڙو ”وڌيڪ بيان فريادي“ قلمبند ڪرايو پوءِ ساڳي تاريخ 21.08.2014 تي منهنجي شاهد نالي احمد علي پٽ عبدالله ککراڻي ويٺل ڳوٺ مينگهراج تعلقو لاڙڪاڻو، جيڪو منهنجو ڪمدار آهي، جو بيان زيرقلم 161 ڪپڪ ڪيس جي جانچ آفيسر قلمبند ڪيو. جنهن ۾ هن منهنجي ۽ منهنجي گهرواريءَ جي بيان جي مڪمل تائيد ڪئي ۽ مذڪوره جوابدار موتي رام، لعل بخش مڱريو ۽ بدرالدين ساريو کي منهنجي زمين جي قبضي ملڻ تي مڪمل طور رد ڪندي بيان ڪيو ته هُو اُن زمين جو ڪمدار هجڻ جي ڪري مسلسل زمين تي ويندو رهندو هيو ۽ جوابدارن موتي رام پٽ صدورو مل، لعل بخش مڱريو ۽ بدرالدين ساريو کي هُن ڪڏهن به ان زمين تي ايندي ڪونه ڏٺو آهي ۽ نه ئي انهن جا ماڻهو ڪڏهن زمين تي آيا. جو هن پنهنجي بيان ۾ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي طرفان منهنجي مذڪوره زمين تي غير قانوني ۽ ناجائز قبضي ڪرڻ بابت ٻڌائيندي وڌيڪ بيان ڪيو ته سال 2007 ع ۾ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي پنهنجي ٻين ماڻهن مٿي ذڪر ڪيل جوابدارن سان گڏجي منهنجي ۽ منهنجي گهرواريءَ جي گڏيل زمين جي ڪجهه سروي نمبرن تي غيرقانوني ۽ ناجائز قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين برقرار آهي. جو منهنجي ڪمدار پنهنجي بيان ۾ جوابدار موتي رام جي اخباري بيان ته هو اسانجو مئنيجر هيو، تنهنڪري مون هن کي پاور آف اٽارني لکي ڏنو، کي بلڪل رد ڪندي بيان ڪيو ته هو اسان جو ڪمدار هجڻ ڪري اسان جي ڪلينڪ ۽ گهر اڳ به ايندو رهندو هو ۽ هيئنر به ايندو رهندو آهي، جو جوابدار موتي رام جو اسان سان يا اسان جي خاندان جي ڪنهن به فرد سان ڪو به واسطو نه رهيو آهي ۽ هون ڪڏهن به جوابدار موتي رام کي ڪلينڪ، گهر يا زمين تي ڪونه ڏٺو آهي ۽ جوابدار موتي رام جو اِهو اخباري بيان ته هُو اسان جو مئنيجر هُيو ۽ اسان جي مذڪوره زمين جي سارسنڀال ڪندو هيو، بلڪل ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي ۽ هو اسان جو مئنيجر ۽ ملازم نه رهيو آهي. جو بعد ۾ تاريخ 24.08.2014 تي جانچ آفيسر شاهد نالي مجيب الرحمن ولد خميسو خان سانگي ويٺل صديقي ڪالوني نزد مدرسه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو لاڙڪاڻو جو بيان زيرقلم 161 ڪپڪ قلمبند ڪيو، جنهن ۾ هُن جوابدار موتي رام جي اِن اخباري بيان ته هُو اسانجو مئنيجر رهيو آهي، کي بلڪل رد ڪندي بيان ڪيو ته هو اسان واٽ تقريباَ ويهن سالن کان وٺي اسانجي جڳهين جي اڏاوتي ڪم جي ڪاريگر ۽ ٺيڪيدار طور ايندو رهندو آهي، جو اسان سال 1997 ۾ ڪجهه زرعي زمين ديهه واهه نبي بخش ۾ خريد ڪئي هئي، جو ان سلسلي ۾ هو اسانجي ڪلينڪ ۽ گهر تي ايندو رهندو هيو ۽ پڻ ايندو رهندو آهي ۽ پڻ مذڪوره زمين تي ڪجهه اڏاوتي ڪم ڪيو هيو، جو مونسان گڏجي ان زمين تي هو پڻ ويندو رهندو هيو. جو نالي موتي رام ولد صدورو مل ويٺل ڪرما باغ لاڙڪاڻو کي جنرل اسٽور هُيو، جو هو ان کان سامان وغيره وٺندڙ رهندو هُيو. جو سال 2006 ۾ خبر پيس ته جوابدار موتي رام، منهنجي زمين جو ڪوڙو پاورآف اٽارني ٺهرائي زمين ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي وڪرو ڪري ڏني آهي ۽ بعد ۾ اها زمين محمدي بلڊرز وارن ڳهڻو خان جتوئي جي معرفت خريد ڪئي آهي. مجيب الرحمن وڌيڪ بيان ڪندي ٻڌايو ته هن جوابدار موتي رام کي ڪڏهن به ان زمين تي ايندي ڪونه ڏٺو آهي. مجيب الرحمان جي اِن بيان جوابدار موتي رام جي منهنجي زمين جي ديک ڀال ڪرڻ وري بيان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي منهنجي مذڪوره زمين تي غير قانوني ۽ ناجائز قبضي ڪرڻ بابت وڌيڪ بيان ڪيو ته سال 2007 ۾ مذڪوره جوابدارن پنهنجن ٻين مٿي ذڪر ڪيل جوابدارن سان گڏجي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو اڃان تائين برقرار آهي. جوابدار موتي رام لاءِ هن وڌيڪ بيان ڪيو ته موتي رام جو اسان يا اسانجي خاندان جي ٻئي فرد سان ڪڏهن به ڪوبه واسطو نه رهيو آهي ۽ هن موتي رام کي اسان جي ڪلينڪ، گهر يا زمين تي ڪونه ڏٺو آهي ۽ جوابدار موتي رام جو اخبار ۾ اِهو بيان ته هُو اسانجو مئنيجر هيو ۽ اسانجي زمين جي سار سنڀال ڪندو هيو، بلڪل ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي ۽ موتي رام ڪڏهن به اسان جو مئنيجر يا ملازم ڪونه رهيو آهي جو جانچ آفيسر مذڪوره جوابدارن جي نامزدگي ۽ انهن جي خلاف ايتري گهڻي ثبوت ۽ ڪاغذاتن جي باوجود، جوابدار ڳهڻي خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي سياسي پرشر ۽ اثر رسوخ جي ڪري، ڪوبه قانوني قدم ڪونه کنيو ۽ نه ئي انهن کي گرفتار ڪيو، بلڪه انهن کي آساني فراهم ڪندي، کين ڪيس جا جوابدار نه سمجهندي ۽ بچاءَ جا شاهد ظاهر ڪندي ۽ مذڪوره جوابدارن کي غيرقانوني فائدو ڏيڻ خاطر منهنجي مسلسل اعتراض ڪرڻ باوجود، انهن جا بيان قلمبند ڪيا ۽ قانون جي ابتڙ انهن کان جوابدار طور ڪابه پڇاڳڇا (انٽروگيشن) ڪونه ڪئي. جو ان سلسلي ۾ تاريخ 24.08.2014 تي جوابدار لعل بخش مڱريو جو بيان قلمبند ڪيو، جنهن ۾ جوابدار بلڪل ڪوڙ ڳالهائيندي ۽ بي بنياد ڳالهيون ڪندي بيان ڪيو ته هن مون کان زرعي زمين ايراضي 48 ايڪڙ 4 گُهنٽه واقع ديهه واهه نبي بخش تپو ابڙا تعلقو ۽ صلعو لاڙڪاڻو پيسن اندازََ 5 لک روپين ۾ تاريخ 10.05.2003 تي خريد ڪئي ۽ مون هن کي اها زمين پنهنجي اٽارني نالي موتي رام ولد صدورو مل جي ذريعي رجسٽري ڪرائي ڏني، جنهن جو کاتو پڻ قانون موجب رکيو ويو ۽ قبضو هن جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اها زمين اٽڪل ٻن سالن کانپوءِ هن بدرالدين ساريو کي رجسٽري ڪري ڏني ۽ قبضو حوالي ڪيو ۽ هن FIR ۾ ان کي غلط نموني ڦاسايو ويو آهي. جو جوابدار لعل بخش مڱريو جي اِن ڪوڙي ۽ بي بنياد بيان جي جواب ۾ لعل بخش مڱريو اِهو ڪوڙو بيان جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي چوڻ تي ڏنو آهي. حقيقت ۾ مون جوابدار لعل بخش مڱريو کي مذڪوره زمين تاريخ 10.05.2003 تي يا ٻي ڪنهن به تاريخ تي فروخت يا وڪرو ڪري ڪونه ڏني آهي۽ نه ئي ان جي قيمت مذڪوره 5 لک روپيا ورتا آهن ۽ نه ئي جوابدار موتي رام منهنجو اٽارني هيو يه آهي ، تنهنڪري جوابدار موتي رام جو منهنجي اٽارني جي حيثيت سان جوابدار لعل بخش مڱريو کي منهنجي مذڪوره زمين رجسٽري ڪري ڏيڻ جو ڪوبه قانوني جواز ڪونه آهي ۽ جوابدار لعل بخش مڱريو جي جعلي ۽ ڪوڙي پاور آف اٽارني تحت رجسٽري ڪرائڻ غيرقانوني ۽ ناجائز آهي، جنهن سيل ڊيڊ جي رجسٽريءَ جي قانون جي نظر ۾ ڪابه اهميت ڪونه آهي ۽ پڻ ان غيرقانوني ۽ جعلي پاور آف اٽارني جي تحت تيار ڪيل غيرقانوني طرح رجسٽرڊ ٿيل سيل ڊيڊ جي آڌار تي رکيل کاتو پڻ غيرقانوني آهي، جيتريقدر جوابدار لعل بخش مڱريو جو اهو بيان ته مذڪوره زمين جو قبضو پڻ جوابدار موتي رام هن جي حوالي ڪيو جو تعلق آهي ته منهنجو اهو چوڻ آهي ته جڏهن منهنجي مذڪوره زمين جو قبضو جوابدار موتي رام جي حوالي هُيو ئي ڪونه ۽ اهڙو قبضو منهنجي هاري ۽ ڪمدار جي ذريعي مون وٽ هيو ته اِهو قبضو جوابدار موتي رام جي طرفان جوابدار لعل بخش مڱريو جي حوالي ڪرڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي ۽ منهنجي اِن وضاحت کانپوءِ جوابدار لعل بخش مڱريو مذڪوره زمين جو جائز ۽ قانوني مالڪ ثابت نه ٿو ٿئي، تنهنڪري هُن جو جوابدار بدرالدين ساريو کي اِها زمين وڪرو ڪرڻ جو ڪو به قانوني قدم ۽ عمل آهي، باقي زمين جو قبضو جوابدار لعل بخش وٽ هيو ئي ڪونه، تنهنڪري قبضو جوابدار بدرالدين ساريو جي حوالي ڪرڻ جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي. جو جوابدار لعل بخش مڱريو مذڪوره ڏوهه ۾ ٻين جوابدارن سان برابر جو شريڪ هيو تنهنڪري کيس هن ڪيس ۾ دُرست شامل ڪيو ويو آهي. جو ساڳي تاريخ 24.08.2014 تي جانچ آفيسر جوابدار بدرالدين ساريو پٽ مجنون خان ساريو ويٺل باڊهه تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو جو بيان قلمبند ڪيو، جنهن ۾ هن جوابدار پڻ غيرقانوني ۽ قانون جي ابتڙ ڳالهيون ڪندي بيان ڪيو ته هن مذڪوره زمين جوابدار لعل بخش مڱريو کان تاريخ 23.11.2004 تي رجسٽرڊ دستاويز ذريعي خريد ڪئي، جيڪو فوٽو رجسٽرار وٽ تاريخ 12.02.2005 تي پڻ داخل ٿيل آهي ۽ اهڙي داخلا هن جي نالي تي ”ستين فام“ ۾ رکي وئي. جو هن اهڙو ”رجسٽرڊ دستاويز“ ۽ ”ستون فارم“ جانچ آفيسر وٽ پيش ڪيو. جو هن وڌيڪ بيان ڪيو ته زمين جو قبضو هن جي حوالي ڪيو ويو ۽ هن اها زمين محمدي بلڊرز کي معرفت حاجي ڳهڻو خان جتوئي جي وڪرو ڪئي هئي، جيڪا هن تاريخ 22.03.2007 تي اندازاََ ڏهه لک روپين ۾ ڏني هئي. هن وڌيڪ بيان ڪيو ته مذڪوره FIR ۾ ڏيکاريل ڏوهه جي جانچ اڳ ۾ ئي روينيو کاتي جي ننڍن ملازمن ۽ اعليٰ آفيسرن جا بيان قلمبند ڪيا، جنهن ۾ فراڊ ثابت ڪونه ٿيو ۽ انڪوائري فائل ٿي. جو جوابدار اها ”انڪوائري رپورٽ“ تاريخ 22.01.2013 تي جانچ آفيسر وٽ پيش ڪئي. جو هُن وڌيڪ بيان ڪيو ته هُن ڪوبه فراڊ يا ٺڳي وغيره ڪونه ڪئي آهي ۽ جنهن کان هن زمين خريد ڪئي، ان وقت ان جو کاتو رڪارڊ ۾ هُيو ۽ هِن قانون موجب رجسٽري ڪرائي ۽ هن کي مذڪوره ڪيس ۾ سياسي مخالفت تحت ڪوڙو ڦاسايو ويو آهي. جو جوابدار بدرالدين ساريو جي اِن غيرقانوني ۽ ڪوڙي بيان جي جواب ۾ منهنجو اهو چوڻ آهي ته هن اِهو بيان جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي چوڻ تي ڏنو آهي، جنهن جي قانون جي نظر ۾ ڪابه اهميت ڪونه آهي، حقيقت ۾ جوابدار بدرالدين ساريو پاران منهنجي مذڪوره زمين اهڙي ماڻهوءَ کان خريد ڪرڻ جي ڪابه قانوني اهميت ڪونه آهي، جنهن ماڻهوءَ يعني جوابدار لعل بخش مڱريو اها زمين هڪ غيرقانوني ۽ ڪوڙي آٽارني يعني جوابدار موتي رام کان هڪ ڪوڙي ۽ جعلي آٽارني پاور جي تحت خريد ڪئي، تنهنڪري اهڙي غيرقانوني ۽ ڪوڙي سيل ڊيڊ ۽ ان جي تحت رکيل غيرقانوني داخلا جي آڌار تي ورتل زمين ۽ اهڙي سيل ڊيڊ ۽ ان جي رجسٽري ۽ ستين فارم جي داخلا ۽ فوٽو رجسٽرار وٽ ٿيل داخلا جي ڪابه قانوني حيثيت يا اهميت ڪونه آهي ۽ اها سڄي ڪاروائي پڻ غيرقانوني ۽ قانوني جي تقاضائڻ جي بلڪل ابتڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي ۽ اهو سڄو غير قانوني عمل منهنجي زمين ڦٻائڻ خاطر جوابدار ڳھڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئيءَ پاران ۽ انهن جي چوڻ تي هڪ ٻئي سان ۽ سرڪاري جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري سرانجام ڏنو ويو آهي. تنهنڪري اهڙي قسم جي غيرقانوني خريد و فروخت جي نتيجي ۾ جوابدار بدرالدين ساريو منهنجي مذڪوره زمين جو قانوني ۽ جائز مالڪ نه ٿو سڏائي سگهي ۽ پڻ مذڪوره زمين جو قبضو جوابدار لعل بخش جي حوالي ڪونه هي. تنهنڪري جوابدار بدرالدين ساريو جو اِهو چوڻ ته زمين جو قبضو هُن جي حوالي ٿيو، بلڪل ڪوڙ ۽ بي بنياد آهي. جيتري قدر جوابدار بدرالدين ساريو جو اهو چوڻ ته هن اها زمين محمدي بلڊرز کي جوابدار ڳھڻو خان جتوئيءَ جي معرفت وڪرو ڪري ڏني، جو تعلق آهي ته ان سلسلي ۾ اهو چوڻ آهي ته هو پاڻ ان زمين جو قانوني ۽ جائز مالڪ ڪونه هيو ۽ پڻ زمين اهڙي ماڻهوءَ کان خريد ڪئي هئائين، جيڪو ان جو قانوني ۽ جائز مالڪ ڪونه هيو ۽ غير قانوني ۽ ڪوڙي جعلي اٽارني پاور تحت زمين خريد ڪئي هئائين، تنهنڪري اهڙو غيرقانوني ۽ ناجائز مالڪ اها زمين ٻئي ڪنهن کي وڪرو نه ٿو ڪري سگهي. اهڙي قسم جو وڪرو بلڪل غير قانوني، قانون جي ابتڙ ۽ خلاف آهي، جنهن جي قانون جي نظر ۾ ڪابه حيثيت يا اهميت ڪونه آهي ۽ جوابدار بدرالدين ساريو کي ڪوبه قانوني حق ڪونه هيو ته هو منهنجي زمين مذڪوره ڪوڙن، جعلي ۽ غيرقانوني ڪاغذاتن جي آڌار تي جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي کي انهن جي ڪمپنيءَ جي نالي تي وڪرو ڪري سگهي، خصوصي طور ان صورت جو مون پاران ان ڪوڙي ۽ جعلي پاور آف اٽارني جي خلاف ان وضاحت جو نوٽيس ته مون پنهنجي مزڪوره زمين جو ڪوبه اٽارني پاور ڪنهن به ماڻهوءَ کي، ڪڏهن به ڪونه ڏنو آهي ۽ ڪنهن به شخص کي ڪوبه قانوني حق يا اختيار منهنجي زمين جي خريدو فروخت جو ڪونه آهي، ٻن اخبارن روزانه ”عوامي آواز“ تاريخ 15۽ 17 فيبروري 2006 ۽ روزانه ”ڪاوش“ تاريخ 19 فيبروري 2006 ۾ ڇاپرائڻ ۽ شايع ڪرڻ کانپوءِ ۽ پڻ ڊپٽي دسٽرڪٽ آفيسر روينيو لاڙڪاڻو جي ليٽري نمبر 587/2006 تاريخ 11.03.2006 جي تحت منهنجي زمين جو رڪارڊ وڌيڪ تبدل ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪرڻ کانپوءِ به منهنجي زمين جي جوابدار بدرالدين ساريو پاران وڪرو ڪرڻ ۽ محمدي بلڊرز پاران معرفت جوابدار ڳهڻو خان جتوئي پاران خريد ڪرڻ ۽ ٻن سرڪاري ۽ خانگي جوابدارن پاران اهڙي غيرقانوني خريد ۽ فروخت ۾ سٿ ڏيڻ ۽ رجسٽري ۽ ان آڌار تي کاتا تبدل ڪرڻ بلڪل غيرقانوني، بدنيتي تي مبني ۽ ٺڳي ڪرڻ جو عقل ۽ ڏوهه آهي. جڏهن ته جوابدار بدرالدين ساريو پنهنجي بيان ۾ مذڪوره زمين جو قبضو محمدي بلڊرز جي حوالي ڪرڻ بابت بلڪل خاموش آهي ۽ اهڙو ڪوبه ذڪر ڪونه ڪيو آهي، جيڪو پڻ اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته اهڙو قبضو جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي کي ڪونه ملي هيو، پر انهن اُهو قبضو غيرقانوني طرح ۽ ناجائزي سان پنهنجي ٻين ماڻهن مٿي ذڪر ڪيل جوابدارن جي مدد سان منهنجي مذڪوره زمين تي زورزبردستي ڪري ڪيو. جوابدار بدرالدين ساريو جو اهو چوڻ بلڪل ڪوڙ ۽ غلط آهي ته هن ڪوبه فراڊ يا ٺڳي ڪونه ڪئي آهي ۽ هن کي سياسي مخالفت تحت ڪوڙو ڦاسايو ويو آهي، پر حقيقت اها آهي ته هو هن ڏوهه ۾ ٻين جوابدارن سان برابر جو شريڪ هيو ۽ منهنجي زمين ڦٻائڻ ۽ اهڙي فراڊ ۽ ٺڳيءَ ۾ شامل هيو ۽ ڄاڻي واڻي ان ڌوهه ۾ شامل ٿيو ۽ هن کي ڪنهن به سياسي مخالفت جي ڪري ڪوڙو ڪونه ڦاسايو ويو آهي، ڇو ته ڪيس داخل ڪرائڻ تائين منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان ڪوبه تعلق ڪونه رهيو آهي ۽ نه ئي جوابدار جي سياسي تعلق بابت مونکي ڪابه ڄاڻ نه آهي، تنهنڪري هن کي ڪوڙو ڦاسائڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. جوابدار جي اينٽيڪرپشن ڊپارٽمينٽ طرفان ڪيل انڪوائري بابت ڏنل بيان جي متعلق منهنجو چوڻ آهي ته اها ڳالهه دُرست آهي ته هن ڪيس کان اڳ مون اهڙي ڪمپلينٽ نمبر 168 سال 2007 اينٽيڪرپشن اسٽيبلشمينٽ لاڙڪاڻو ۾ تاريخ 28.06.2007 ۾ داخل ڪئي هئي، جو منهنجو اهڙو بيان تاريخ 27.08.2007 تي انڪوائري آفيسر قلمبند ڪيو، جنهن ۾ مون ڪمپلينٽ واري ساڳي حقيقت بيان ڪئي، پوءِ انڪوائري آفيسر پاران اهڙي انڪوائري مڪمل نه ڪرڻ تي ڪيس ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو پنهنجي ليٽر نمبر DD/ACE/R/8880 تاريخ 01.10.2007 تحت مذڪوره انڪوائري 90 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر هو انڪوائري مڪمل ڪري ڪونه سگهيو، جو کيس وڌيڪ 90 ڏينهن ڏنا ويا، پر پوءِ به انڪوائري مڪمل ڪونه ٿي سگهي ۽ پڻ کيس اهڙو رمائينڊر جاري ڪيو ويو، پر نتيجو ساڳيو رهيو. پوءِ مون اهڙا ٻه رمائينڊر تاريخ 18.04.2008 ۽ 29.04.2008 تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو کي انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ موڪليا، جنهن جون ڪاپيون ڊائريڪٽر ACE ڪراچي، چيئر مين ACE ڪراچي، اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ لاڙڪاڻو، سيڪريٽري روينيو ڪراچي، هوم منسٽر، جو بعد ۾ اها خبر پئي ته اهڙي انڪوائري ان وقت جي سرڪل آفيسر نياز حسين کجڙ ڪئي، جنهن اهڙي انڪوائري رپورٽ روانگي نمبر 1640 تاريخ 05.06.2008 ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو ڏانهن Acc-I سنڌ ڪراچي کان جوابدار مسعود احمد ٻڳهيو مختيارڪار، جوابدار نظام الدين جتوئي اسسٽنٽ مختيارڪار، جوابدار غازي خان دربان تپيدار، جوابدار بخش علي رنگيجو تپيدار، خانگي جوابدار موتي رام ۽ ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ روانگي ڪئي. جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو سرڪل آفيسر جي اهڙي انڪوائري ۽ سفارش کان متفق ٿيندي، اها رپورٽ ڊائريڪٽر ACE سنڌ ڪراچي ڏانهن ساڳي سفارش ڪندي روانگي ڪئي. جو مذڪوره انڪوائري رپورٽ ۾ انڪوائري آفير/ سرڪل آفيسر مڪمل انڪائري ڪندي چيو آهي ته اِهو ظاهر ٿئي ٿو ته موتي رام ولد صدورو مل خانگي ماڻهوءَ مسعود احمد ٻڳهيو اسسٽنٽ مختيارڪار ۽ FCM ڏوڪري سان ملت ٿي، منهنجو ڪوڙو پاورآف آٽارني مٿي ذڪر ڪيل زمين جو پنهنجي نالي تي لکرايو آهي ۽ منهنجي ڪوڙي صحيح پڻ ڪئي آهي، ۽ ان پاور آف اٽارني ۾ هر هڪ منٺار علي مگسي ۽ غلام حيدر شيخ جون صحيحون ڪيون آهن. اهو پاور آف اٽارني سال 2001 ۾ مسعود احمد ٻڳهيو جي صحيح سان اٽيسٽيڊ ٿيل آهي، جنهن پنهنجي بيان ۾ وضاحت ڪئي آهي. اهڙي ڪوڙي آٽارني جي آڌارتي موتي رام هندو منهنجي زمين جو فرد سرٽيفڪيٽ تپيدار غازي خان دربان تپو ابڙا سان ملت ڪري ورتو آهي، جيڪو سال 2003 ۾ ورتو آهي. ساڳيو فرد سرٽيفڪيٽ سپروائيزنگ تپيدار بخش علي زنگيجو چڪاس ڪيو آهي ۽ صحيح ڪئي آهي ۽ مسعود احمد ٻڳهيو مختياڪار لاڙڪاڻو اٽيسٽيڊ ڪيو آهي ۽ ان فرد سرٽيفڪيٽ جي آڌار موتي رام مذڪوره زمين سال 2003 ۾ وڪرو ڪري خانگي ماڻهو لعل بخش مڱريو کي ڏني آهي، جيڪو وڪري جو دستاويز ان وقت جي سب رجسٽرار لاڙڪاڻو وزير حسين سولنگي رجسٽرڊ ڪيو آهي. جيئن ته جوابدار مسعود احمد ٻڳهيو ڄاڻي واڻي پاور آف اٽارني رجسٽرڊ ڪيو آهي ۽ ان شاهد اهو پاور آف اٽارني سال 2003 ۾ پنهنجي پوسٽنگ بحيثيت مختيارڪار لاڙڪاڻو جي دوران اٽيسٽيڊ ڪيو آهي، پر ڄاڻي واڻي سال 2001 جي تاريخ لکي آهي ۽ ان پاور آف اٽارني جي آڌار تي اهڙو فرد سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي، جيڪو پڻ ان جو اٽيسٽيڊ ٿيل آهي. جو مذڪوره سرڪل آفيسر جوابدارن هي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي جي سفارش ڪندي وڌيڪ چيو آهي ته انڪوائري دوران ڇڪايل مٿي ذڪر ڪيل جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي ثابتي گذري ٿي، تنهنڪري هن سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ عرض ڪيو. جو بعد ۾ اها انڪوائري رپورٽ Acc-II لاڙڪاڻو جي اڳيان رکي وئي ، جنهن اهو فيصلو ڪيو ته ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو لاڙڪاڻو ۽ سرڪل آفيسر ACE لاڙڪاڻو گڏجي اهڙي گڏيل انڪوائري ڪن، جو بعد ۾ ڊائريڪٽر ACE سنڌ ڪراچي پنهنجي ليٽر نمبر 58-L/2007/6869-70 تاريخ 20.12.2008 جي تحت مسٽر مهتاب حسين بٽ سرڪل آفيسر ACE دادو کي پڻ اهڙي گڏيل انڪوائريءَ جو ميمبر مقرر ڪيو. جو اهڙي گڏيل انڪوائري مڪمل ڪندي، ٻنهي سرڪل آفيسرن (1) نياز حسين کجڙ ACE لاڙڪاڻو ۽ (2) مهتاب حسين ڀٽ ACE دادو ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو تاريخ 30.12.2008 تحت اهڙي گڏيل انڪوائري رپورٽ موڪلي، جنهن ۾ هُنن ڪيس جي مڪمل جانچ ڪندي لکيو ته تاريخ 26.12.2008 تي سرڪل آفيسر ACE دادو لاڙڪاڻي پهتو، جو اهي ٻئي آفيسر ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو لاڙڪاڻو سان ملڻ لاءِ سندس جي آفيس ويا، پر ان جي موجود نه هئڻ ڪري، هو ٻيهر تاريخ 30.12.2008 تي سندس سان مليا، جنهن اهڙي گڏيل رپورٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو. بحرحال دورانِ بحث هُن ٻنهي آفيسرن آڏو ظاهر ڪيو ته مذڪوره پاور آف اٽارني مسعود احمد ٻڳهيو پاران تيار ۽ ٺڳيءَ سان اٽيسٽيڊ ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته روينيو کاتن جي تبديلي جُڙتو، غلط طريقي سان غيرقانوني طرح ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ روينيو عملدار ۽ خانگي ماڻهو برابر جا ذميوار آهن. جو انهن ٻنهي سرڪل آفيسرن منهنجي ڪمپلينٽ کي چڱيءَ ريت پڙهيو ۽ موجود رڪارڊ ۽ سرڪل آفيسر ACE لاڙڪاڻو جي جاري ڪيل (CFR) ڳجهي فائنل رپورٽ کي پڻ ڏٺو.جو انهن جي مطابق انهن اِهو ڏٺو ته جوابدار موتي رام ڪوڙو ۽ جعلي پاور آف اٽارني پنهنجي نالي تي تيار ڪيو ۽ مسعود احمد ٻڳهيو کان اٽيسٽ ڪرايو ۽ هن اٽارني پاور جا شاهد نالي منٺار علي مگسي ۽ غلام حيدر شيخ خريد ڪيا. جو مسعود احمد ٻڳهيو سال 2001 ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار ڏوڪري جي حيثيت ۾ غيرقانوني طرح مذڪوره اٽارني پاور جوابدار موتي رام جي حق ۾ اٽيسٽ ڪيو. سال 2003 ۾ هِن جي ترقي ٿيڻ تي، هن کي مختيارڪار ڪري لاڙڪاڻي ۾ تعينات ڪيو ويو ۽ هن جي حڪم تي تپيدار غازي خان دربان ۽ سپروائيزنگ تپيدار بخش علي زنگيجو اهڙو فرد سرٽيفڪيٽ (سيل سرٽيفڪيٽ) جاري ڪيا ۽ مختيارڪار مسعود احمد ٻڳهيو ان تي ڪائونٽر صحيح ڪئي. اُن کانپوءِ فرد سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي جوابدار موتي رام ٺڳيءَ ۾ فراڊ سان مذڪوره زمين جوابدار لعل بخش مڱريو کي رجسٽرڊ سيل ڊيڊ جي تحت وڪرو ڪري ڏني ۽ اهڙي داخلا 6421 تاريخ 11.02.2004 تپيدار غازي خان دربان روينيو رڪارڊ ۾ رکي، جيڪا سپروائيزنگ مختيارڪار لاڙڪاڻو نظام الدين جتوئي اٽيسٽ ڪئي. جو جوابدارن جي ڏوهه بابت سرڪل آفيسرن وڌيڪ لکيو ته اهو ثابت ٿيو آهي ته روينيو جي ملازمن ۽ خانگي ماڻهن هڪ ٻئي جي ملي ڀڳت ۽ مدد سان فراڊ ۽ ٺڳي ڪئي آهي. هنن انڪوائري رپورٽ روينيو دورانِ گفتگو ٻڌايو ته ڪوڙو ۽ جُڙتو پاور آف اٽارني ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جي بنياد تي زمين جي تبديلي پڻ ڪوڙي آهي ۽ روينيو ملزمن ۽ آفيسرن جوابدار موتي رام ۽ ٻين جي ملي ڀڳت سان درخواست گزار جي يعني منهنجي زمين جا کاتا ٺڳي ۽ فراڊ سان روينيو رڪارڊ ۾ تبديل ڪيا آهن، هُن وڌيڪ چيو ته هو پنهنجي اهڙي رپورٽ نه ٿو ڏئي سگهي، باقي انڪوائري آفيسر ACE پنهنجي انڪوائري رپورٽ جاري ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ Acc-II جي اڳيان پيش ڪري سگهن ٿا. جو انڪوائري آفيسرن جي مطابق ته انهن طرفان رڪارڊ جي معائني مان اها پڪ ٿي ته ڪيس جي ڪيل انڪوائري ACE CO لاڙڪاڻو پاران ۽ فائنل رپورٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو کي موڪلي وئي هئي، جيڪا ااسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل چڪاس پڻ ڪئي هئي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو جي منظوريءَ کانپوءِ اها Acc-II جي اڳيان رکي وئي هئي، جيڪا ميرٽ تي آهي. جو انڪوائري آفيسرن پنهنجي سفارش ۾ لکيو ته مذڪوره بالا حقائق ۽ حالات جي تناظر ۾ منظور شده مَيٽر مختيارڪار مسعود احمد ٻڳهيو، تپيدار غازي خان دربان، سپروائيزنگ تپيدار بخش علي زنگيجو ۽ خانگي ماڻهن موتي رام هندو، منٺار علي مگسي، غلام حيدر شيخ ۽ فائدو وٺندڙ لعل بخش مڱريو جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ Acc-II لاڙڪاڻو اڳيان رکيو وڃي ۽ ٻين ماڻهن جو رول جانچ ۾ تعين ڪيو ويندو. جو اِهو مَيٽر Acc-II لاڙڪاڻو جي اڳيان تاريخ 30.01.2009 تي ٿيندڙ هڪ ميئنگ ۾ رکيو ويو. جو ڪاميٽيءَ اهڙي گڏيل انڪوائري ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو لاڙڪاڻو ۽ سرڪل آفيسر ACE لاڙڪاڻو طرفان ٻيهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جو اهڙي انڪوائري مقصود احمد آگاڻي سرڪل آفيسر ACE لاڙڪاڻو مڪمل ڪندي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو ڏانهن آفيس ليٽر نمبر CO/ACE/5179-Larkana تاريخ 24.11.2009 تحت اهڙي روائيزڊ فائنل رپورٽ موڪلي، جنهن ۾ هُن انڪوائري مڪمل ڪندي لکيو ته هن اَيگزيڪِيوٽِوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو لاڙڪاڻو کي اهڙي گڏيل انڪوائري ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو، پر هُن جي انڪار ڪرڻ تي ACE لاڙڪاڻو جي آفيسر کان اهڙي انڪوائري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جو انڪوائري آفيسر پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته هن مئيٽر جي انڪوائري اڳ ئي ان وقت جا سرڪل آفيسر ACE لاڙڪاڻو نياز حسين کجڙ ۽ سرڪل آفيسر ACE دادو مهتاب حسين ڀٽ جن ڊائرڪيٽر ACE سنڌ ڪراچي جي حڪم تحت ڪري چڪا آهن. جو ٻئي سرڪل آفيسر اهڙي گڏيل انڪوائري رپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو لاڙڪاڻي سان مليا، جنهن انڪار ڪيو. جو هن انڪوائري آفيسر وڌيڪ پنهنجي رپورٽ ۾ اڳ ۾ ڪيل انڪوائري جو حوالو ڏيندي ساڳي ڳالهه دهرائي ۽ وڌيڪ چيو ته هن منهنجي ڪمپلينٽ جا ڪاغذات ۽ روائيزڊ فائنل رپورٽ نمبر 3853 تاريخ 30.12.2008 ۽ رڪارڊ جو چڱيءَ طرح معائنو ڪيو ۽ ان ساڳي نتيجي تي پهتو جنهن تي اڳ ٿيل انڪوائريءَ جا آفيسر پهتا هئا ۽ مذڪوره جوابدارن کي ان فراڊ ۽ ٺڳي ءَ ۾ برابر جو شريڪ ۽ ذميوار سمجهو ۽ وڌيڪ لکيو ته هو اڳ ٿيل گڏيل روائيزڊ فائنل رپورٽ سان متفق آهي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو کي ساڳي سفارش ڪندي، مذڪوره جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ اهو منظورشده ليٽر Acc-II لاڙڪاڻو اڳيان رکڻ لاءِ عرض ڪيو. جو منهنجي ڪمپلينٽ جي حق ۾ اهڙي قسم جي باربار انڪوائري رپورٽن باوجود جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي سياسي ۽ اثر رسوخ ۽ پريشر جي ڪري تمام گهڻو وقت گذرڻ باوجود مذڪوره جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت نه ورتي وئي ۽ ڏني وئي ۽ وقت ضايع ٿيندو رهيو ۽ دير ڪرڻ جا مختلف بهانا ٿيندا رهيا. جو آخري تاريخ 06.10.2010 تي ڊائريڪٽر ACE سنڌ ڪراچي پنهنجي آفيس ليٽر نمبر 58-L/2007/4978-79 تاريخ 06.10.2010 تحت منهنجو مئيٽر مذڪوره جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ Acc-II لاڙڪاڻو جي اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو ڏانهن موڪليو. جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو پنهنجي آفيس ليٽر نمبر DD/ACE/R-1130 تاريخ 21.02.2011 تحت اهو مئيٽر ڊائريڪٽر ACE سنڌ ڪراچيءَ ڏانهن اهو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته جوابدار مسعود احمد ٻڳهيو مختيارڪار لاڙڪاڻو Acc-I سنڌ ڪراچي جي اختيار هيٺ اچي ٿو، تنهنڪري اِهو مئيٽر مذڪوره جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ Acc-I سنڌ ڪراچيءَ جي اڳيان پيش ڪيو وڃي جو بعد ۾ اِهو ميٽر ڊائريڪٽر انڪوائريز E&ACE II ڪراچي کي انڪوائري مڪمل ڪرڻ لاءِ سپرد ڪيو ويو، جنهن مون کي گُهرائي تاريخ 02.12.2011 تي منهنجو بيان قلمبند ڪيو، جتي مون ساڳي حقيقت بيان ڪئي ۽ پڻ پنهنجي بيان جي حمايت ۾ متعلقه ڪاغذات پيش ڪيا، پر انڪوائري پوءِ به مڪمل ڪونه ٿي ۽ مذڪوره جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪونه ٿي سگهيو جو ان بعد ڪيس داخل ڪرڻ جي اهڙي اجازت ملڻ ۾ مسلسل دير ٿيڻ جي ڪري مون اهڙِ درخواست نمبر 135/2014 زير قلم (6-I & III) 22 ڪپڪ عدالت جناب سيشن جج/جسٽس آف پيس لاڙڪاڻو ۾ تاريخ 03.04.2014 تي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو ۽ ٻين جي خلاف کين مذڪوره انڪوائري جلدازجلد مڪمل ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪرڻ لاءِ داخل ڪئي. جو معزز عدالت پنهنجي آرڊر تاريخ اِهو حڪم جاري ڪيو ته
پوءِ تاريخ تي مون اهڙي ڪرمنل مسلينيئس ايپليڪيشن نمبر هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، سرڪٽ ڪورٽ، لاڙڪاڻو سڳوريءَ اهڙا نوٽيس جاري ڪيا. جو اهڙو جواب تاريخ تي عدلالت ۾ جمع ڪرايو، جنهن ۾
جو مذڪوره درخواست جي ڪري اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪجهه چُر پُر ٿي. جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو پنهنجي آفيس ليٽر نمبر 6886 تاريخ 05.09.2014 تحت منهنجي مذڪوره درخواست جي ردِ عمل ۾ عدالت ۾ داخل ڪيل پنهنجو جواب ڊائريڪٽر ACE سنڌ ڪراچيءَ ڏانهن روانو ڪيو. جو ڊائريڪٽر ACE سنڌ ڪراچيءَ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ACE لاڙڪاڻو جو مٿيون ليٽر ۽ جواب، پنهنجي آفيس ليٽر نمبر 58-L/2007/6645 تاريخ 22.09.2014 تحت چيئرمين انڪوائريز ۽ ACE ڏانهن روانا ڪيا، جنهن ۾ هن چيئرمين E & ACE ليٽر نمبر SO (AC) E&ACE/2-794/2010 تاريخ 12.08.2010 جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته چيئرمين ان ليٽر تحت جوابدار مسعود احمد ٻڳهيو ۽ ٻين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ مئيٽر Acc-II لاڙڪانو جي اڳيان پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، ان وڌيڪ منهنجي لاءِ لکيو ته چيئرمين E & ACE سان مليو هيس ليٽر نمبر SO (AC) E&ACE/2-911/2011 تاريخ 02.05.2011 تحت مئيٽر ڊائريڪٽر انڪوائري II-,E & ACE ڏانهن ٽرانسفر ڪيو هيو، جيڪو اڃا تائين زيرِ التوا آهي. جو آخر ۾ ڊائريڪٽر صاحب چيئرمين کي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل منهنجي مذڪوره درخواست کي نظر ۾ رکندي مذڪوره جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم حاصل ڪرڻ لاءِ مئيٽر Acc-II لاڙڪاڻو اڳيان پيش ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو. پر ڪو به نتيجو ڪونه نڪتو. جو تاريخ 16.07.2014 تي جوابدار موتي رام جي طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ ان وقت جي سرڪل آفيسر ACE لاڙڪاڻو شاهد حسين شاهاڻي منهنجي ڪمپلينٽ نمبر 168/2007 بابت واضح ڪيو آهي ۽ منهنجي موءقف جي حمايت ڪندي ڪورٽ سڳوريءَ کي ٻڌايو آهي ته اها ڪمپلينٽ ACE لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيس ۾ انڪوائري هيٺ هئي ۽ ان وقت جي سرڪل آفيسر انڪوائري ڪندي اهڙي خفيه فائنل رپورٽ مذڪوره جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪندي پيش ڪئي، جيڪا Acc-I سنڌ ڪراچيءَ جي فيصلي لاءِ زيرالتوا آهي ۽ مذڪوره سرڪل ڪورٽ سڳوريءَ کي جوابدار موتي رام جي مذڪوره پٽيشن بابت وڌيڪ وضاحت ڪندي پنهنجو موءقف پيش ڪيو آهي ته جوابدار موتي رام پاڻ کي منهنجي مذڪوره ڪمپلينٽ ۾ سندس جي خلاف لڳايل الزامَ ته هن منهنجي مذڪوره زمين ٺڳي ۽ فراڊ ڪري تبديل ڪئي آهي، بچائڻ لاءِ هيءَ پٽيشن داخل ڪئي آهي، تنهنڪري سرڪل آفيسر ڪورٽ سڳوريءَ کي اِها پٽيشن رد ڪرڻ جي التجا ڪئي. جو بعد ۾ جوابدار معشوق علي جتوئي تاريخ 20.08.2014 تي هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ داخل ڪرايل پنهنجي ڪرمنل مسلينئيس ايپليڪيشن نمبر S-189/2014 ۾، سندس ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايل منهنجي مذڪوره FIR کي ڪواش ڪرڻ لاءِ پنهنجي موءقف جي حمايت ۾، منهنجي مذڪوره ڪمپلينٽ نمبر 168/2007 جي جناب محمد ڪاشف صِديق ڊائريڪٽر انڪوائريز PS/DE-II/245/2011 تاريخ 22.01.2013 غيرقانوني طريقي سان ان جي فوٽو ڪاپي هٿ ڪري، صفحي نمبر 31 کان 44 بطور Anex-“B” مُنسلڪ ڪئي، جيڪا جوابدار بدرالدين ساريو پڻ پنهنجي موجوده زير جواب بيان جي ذريعي هِن ڪيس جي جانچ آفيسر غلام مصطفٰي سانڊاڻو کي پنهنجي گناهه کان بچڻ ۽ پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، اِن خُفيه رپورٽ کي هٿيار طور استعمال ڪندي، جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي پاران مُهيا ڪرڻ ۽ انهن جي چوڻ تي، انهن کي ۽ پڻ ٻين سرڪاري ۽ خانگي جوابدارن کي مذڪوره گناهه کان بچائڻ ۽ بي گناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، پيش ڪئي، جنهن جي پيش ڪرڻ جو اهڙو ڪوبه مشيرنامون تيار ڪونه ڪيو ويو، جنهن جي قانون ۾ ڪابه شيءِ اهميت ڪونه آهي، پر جانچ آفيسر جوابددار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي سياسي آثر رسوخ ۽ پريشر جي ڪري، ان رپورٽ جي متعلقه آفيسر کان بغير ڪنهن تصديق ڪرائڻ جي، ڪيس ۾ شامل ڪيو ۽ ان کي اهميت ڏيندي منهنجي ڪيس کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مذڪوره جوابدارن کي بچائڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو. جو مذڪوره انڪوائري رپورٽ جي ڪاپي مون کي جوابدار معشوق علي جتوئي جي مٿي ذڪر ڪيل درخواست جي ڪاپيءَ سان گڏ هاءِ ڪورٽ سڳوريءَ جي نوٽيس سان گڏ ملي، جو اهي ڪاغذ پڙهڻ تي مون کي پهريون ڀيرو خبر پئي ته منهنجي مذڪوره ڪمپلينٽ جي اهڙي ڪا خفيه رپورٽ رپورٽ سال 2013 جي جنوري مهيني ۾ متعلقه آفيسر جاري ڪئي آهي، جو منهنجي جانچ ڪرڻ تي خبر خبر پئي ته اِها رپورٽ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي سياسي اثر رسوخ ۽ پريشر جي ڪري جاري ڪئي وئي آهي ۽ ڄاڻي واڻي غيرقانوني طرح مون کي ان انڪوائري رپورٽ کان بي خبر رکيو ويو ۽ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي ۽ ٻين سرڪاري ۽ خانگي جوابدارن کي بچائڻ لاءِ نه صرف اهڙي رپورٽ جاري ڪئي وئي، پر ان جي فوٽو ڪاپي غيرقانوني طريقي سان کين مُهيا ڪئي وئي، تاڪه هُو ان رپورٽ کي پاڻ ۽ ٻين کان، پنهنجي گناهه کان بچڻ ۽ ٻين جوابدارن کي بچائڻ خاطر، هٿيار طور استعمال ڪري سگهن ۽ سندن خلاف هلندڙ منهنجي ڪيسن بشمول مذڪوره FIR کي نقصان رسائي سگهن، جيڪا اهي جوابدار هر هنڌ پاڻ ۽ ٻين کان استعمال ڪرائي رهيا آهن ۽ ان جو غلط ۽ ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. جنهن جو مثال آءُ مٿي پيش ڪري چڪو آهيان. جو نه صرف ايترو، پر جوابدار معشوق علي جتوئي پنهنجي مرضيءَ مطابق تيار ڪرايل مذڪوره انڪوائري رپورٽ پڻ پنهنجي هِڪ ٻي، هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو تاريخ 22.08.2014 تي داخل ڪرايل آئيني درخواست نمبر S-834/2014 جي صفحي نمبر 157 کان 170 بطور Anex-G پيش ڪئي. جيڪا پڻ مون کي آئيني درخواست جي ڪاپي سان گڏ هاءِ ڪورٽ نوٽيس سان ملي. جو مذڪوره رپورٽ بابت مون اڳ به هاءِ ڪورٽ سڳوريءَ ۾ مٿي ذڪر ڪيل درخواستن جي جواب پنهنجو موءقف ۽ اعتراضات پيش ڪري چڪو آهيان ۽ هيئنر به ان بابت منهنجو اهو چوڻ آهي ته مذڪوره رپورٽ ۾ انڪوائري آفيسر منهنجي لاءِ چوڻ ته مون ڪرپشن يا سرڪاري پئسي جي خردبرد جي ڪاغذي شهادت پيش ڪئي آهي، تنهنڪري جوابدار آفيسرن جي خلاف E&ACE قوانين جي تحت ڪيس داخل نه ٿو ڪري سگهجي، جو مطلب اهو ڪونه آهي ته جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ روينيو عملدارن کي بي گُناهه تصور ڪيو وڃي، خصوصاََ جڏهن انڪوائري آفيسر جي طرفان ڪيس بند ڪرڻ جي سفارش جي باوجود، متعلقه اختياريءَ طرفان ڪيس جو بند نه ڪرڻ ۽ جاري رکڻ. منهنجو وڌيڪ چوڻ آهي ته مذڪوره انڪوائري آفيسر طرفان، منهنجي باربار عرض ڪرڻ باوجود، منهنجي صحيح ۽ هٿ جي لکائي، مذڪوره جعلي پاور آف اٽارني جي اصل ڪاپيءَ تي ٿيل مهنجي جعلي صحيح ۽ لکت سان ڀيٽا ۽ تصديق نيشنل فارينزڪ سائنس ليباريٽري اسلام آباد کان ڪرائڻ کانسواءِ مذڪوره انڪوائري رپورٽ ۾ ڪيس بند ڪرڻ جي سفارش جي ڪا به قانوني اهميت ۽ حيثيت ڪونه آهي ۽ انڪوائري آفيسر جي اهڙي رپورٽ جاري ڪرڻ مان هن جي جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ سرڪاري جوابدارن طرف جانبداري ظاهر ٿئي ٿي ۽ پڻ انڪوائري آفيسر طرفان اهڙ خفيه رپورٽ جي ڪاپي جوابدار ڳهڻو خان جتوئيءَ کي مهيه ڪرڻ ۽ ان بابت مونکي بيخبر رکڻ، سندس جي جانبداري ۽ جوابدارن کي فائدو پهچائڻ ۽ مونکي نقصان پهچائڻ جو ارادو ظاهر ڪري ٿي. جو جوابدار بدرالدين ساريو جي مذڪوره رپورٽ هن ڪيس جي جانچ آفيسر وٽ پيش ڪرڻ ۽ ان بابت ڏنل بيان بدنيعتي تي ٻڌل آهي، جنهن جي وضاحت مون اهڙي طرح بيان ڪئي. پوءِ تاريخ 27.08.2014 تي P.S SHO دڙي پنهنجي آفيس ليٽر نمبر CR-69/2014 تاريخ 27.08.2014 تحت انچارج فارنيڪ سائنس ليباريٽري لاڙڪاڻو کي منهنجي صحيح ۽ لکائي جي ڀيٽا مذڪوره جعلي پاور آف اٽارني تي ٿيل منهنجي جعلي صحيح ۽ لکت سان ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي. پوءِ تاريخ 28.08.2014 تي هن ڪيس جي جانچ آفيسر جوابدار موتي رام پٽ صدورو مل هندو ويٺل ڪرمان باغ لاڙڪاڻه کان بغير انٽروگيشن ڪرڻ جي ۽ تمام ضروري سوالات پڇڻ جي، جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي سياسي پريشر جي ڪري ۽ کين ٻين جوابدارن کي بچائڻ جي خاطر ۽ انهن کي ناجائز فائدو ڏيندي ۽ منهنجي ڪيس کي نقصان رسائيندي، بيان قلمبند ڪيو، جنهن ۾ هُن مڪمل طور ڪوڙ ڳالهائيندي ۽ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺندي، هن ڏوهه ۾ شامل پنهنجن ساٿين جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي چوڻ تي بيان ڪيو ته هُو مون وٽ ملازم هيو ۽ آءُ انڊيا وڃي رهيو هيس ۽ مون اها مذڪوره زمين جوابدار لعل بخش مڱريو کي وڪرو ڪئي هئي ۽ زمين جو پاور آف اٽارني هن کي ڏنو ۽ هن منهنجي چوڻ تي اها زمين جوابدار لعل بخش مڱريو کي لکي ڏني ۽ هاڻي زمين جا ريٽ وڌي وڃڻ جي ڪري آءُ لالچ ۾ اچي ويو آهيان ۽ هن کي پريشرائيز ٿوپ ڪريان ته هُو بيان بدلائي ته مون هن کي پاور اف اٽارني نه ڏنو آهي ۽ مون هن جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ اڃا به ڪري رهيو آهيان ۽ اهڙو ڪيس فرسٽ سينئر سِوِل جج لاڙڪاڻُ جي ڪورٽ ۾ ڪيس 08/2014 هلندڙ آهي ۽ اهڙا آرڊر هاءِ ڪورٽ جا ٿيل آهن. جو C.P نمبر 351/2007 ۽ 562/07 ۽ ٻيا ۾ هاءِ ڪورٽ منهنجون پٽيشنون رد ڪندي معاملي کي سِوِل ڪورٽ ۾ حل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي فرمايو ته پاور آف اٽارني جي تصديق جو واحد فورم سِوِل ڪورٽ آهي، جيڪا ثبوتن کي ڏسندي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي، جو جوابدار موتي رام پنهنجي بيان ۾ ڪوڙ ڳالهائيندي منهنجي مٿان الزام هنيو ته آءُ سِوِل ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ کان لنوائي رهيو آهيان ءٌ هِن جي مٿان هي ڪوڙي FIR ڪرائي حراسان ڪري رهيو آهيان. ۽ هِن FIR جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪواشمينٽ جي درخواست ڏني آهي، جيڪا هلندڙ آهي ۽ منهنجي مٿان حرسمينٽ جو ڪيس پڻ سيشن ڪورت لاڙڪاڻو ۾ ڪرايو آهي. جوابدار موتي رام وڌيڪ پنهنجي بيان ۾ مون مٿان ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هڻندي، غليظ ۽ توهين آميز زبان استعمال ڪندي چيو ته مان فراڊي ۽ ڪوڙو شخص آهيان ۽ مون ڪوڙيو چيڪون ڏئي زمين پنهنجي نالي لکائي هئي ۽ مالڪ کي پئسا ڪونه ڏنا هئا ۽ ڪوڙيون چيڪون ڏيٻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ مون کي جيل پڻ موڪليو هيو، تنهنڪري منهنجي داخل، ڪرايل هن ڪوڙي فرياد کي نيڪال ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هاءِ ڪورٽ جي ڪواشمينٽ جي ڪيس جي فيصلي تائين ڪاروائي کي روڪيو وڃي. جوابدار موتي رام وڌيڪ بي بنياد ڳالهه ڪندي چيو ته مون تيرهن سالن جي پيرڊ گذرڻ کان پوءِ هي ڪيس داخل ڪرايو آهي، جيڪو پڻ ڪوڙي هجڻ جو ثبوت آهي. جو جوابدار موتي رام جي ان ڪوڙي، بي بنياد، توهين آميز ۽ غيرقانوني ۽ قانون جي ابتڙ قلمبند ٿيل بيان جي جواب ۾ منهنجو اهو چوڻ آهي ته هُو مون وٽ ڪڏهن به ملازم ڪونه رهيو آهي ۽ منهنجو ۽ منهنجي خاندان جي ڪنهن به فرد جو جوابدار موتي رام سان ڪڏهن به ڪوبه تعلق يا واسطو ڪونه رهيو آهي، ايتريقدر جو آءُ هن کي سڃاڻيندو به ڪونه هيس ۽ جون 2014 کان اڳ مون هن کي ڏٺو به ڪونه هيو، تنهنڪري جوابدار جو اهو چوڻ ته هُو منهنجو ملازم هيو بلڪل ڪوڙ ۽ بي بنياد ڳالهه آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي ۽ ان ڳالهه جو ڪوبه ثبوت يا گواهه جوابدار موتي رام وٽ ڪونه آهي ۽ هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته هو ڪرمان باغ لاڙڪاڻو ۾ جنرل اسٽور هلائيندو هيو ۽ ان ڳالهه جي ثابتي مذڪوره جعلي پاور آف اٽارني ۾ هن جوڪاروبار بزنس مين طور لکيل هجڻ ۽ منهنجي ملازم طور لکيل نه هجڻ مان به ملي ٿي ۽ جوابدار اِها غلط ڳالهه جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي چوڻ تي ۽ هن گناهه کان پاڻ کي ۽ ٻين جوابدارن کي بچائڻ خاطر ۽ مذڪوره ڪوڙي ۽ جعلي پاور آف اٽارني کي قانوني ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي بيان ڪئي آهي جو جوابدار موتي رام جي ان بيان ۽ دعويٰ کي منهنجي گواهن نالي احمد علي ککراڻي ۽ مجيب الرحمٰن سانگي پڻ منهنجي بيان زيرِقلم 161 ڪپڪ ۾ رد ڪري چُڪا آهيون ۽ جوابدار موتي رام سان منهنجي يا منهنجي خاندان جي ڪنهن فرد جو تعلق نه هجڻ واري بيان جي تائيد ۽ حمايت ڪري چُڪا آهن، تنهنڪري جوابدار موتي رام جي اهڙي دعويٰ جو ڪوبه بنياد ۽ جواز ڪونه آهي. جو جوابدار موتي رام جو وڌيڪ اهو چوڻ ته آءُ انڊيا وڃي رهيو هيس ۽ مذڪوره زمين جوابدار لعل بخش مڱريو کي وڪرو ڪئي هئي، تنهنڪري مون هِن کي اها زمين جوابدار لعل بخش مڱريو کي لکي ڏيڻ لاءِ پاور آف اٽارني ڏنو، بلڪل ڪوڙ، بي بنياد ۽ غلط آهي ۽ بدنيتيءَ تي مبني آهي. اِها حقيقت آهي ته آءُ هر سال انڊيا ويندو رهندو آهيان پر اهو بلڪل ڪوڙ آهي ته مون اها زمين جوابدار لعل بخش کي وڪرو ڪئي هئي ۽ جوابدار موتي رام کي اهڙو ڪو پاور آف اٽارني ڏنو هيو پر جوابدار جو اهڙي ڪابه سيل ايگريمينٽ رڪارڊ تي موجود ڪو نه آهي، مٿي ڏنل نالي وارن خانگي ۽ سرڪاري موتي رام ٻين جوابدارن سان ملي ڀڳت ڪري، انهن جي مدد سان، جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئيءَ جي چوڻ تي ۽ پڻ انهن جي مدد سان آخرڪار انهن کي فائدو ڏيڻ ۽ منهنجي مذڪوره زمين ٺڳيءَ سان، جعلسازي سان ۽ جعلي ۽ غيرقانوني ڪوڙن ڪاغذن جي بنياد تي ڦٻائڻ ۾ انهن کي بنياد ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪري، جعلسازي ڪري ٺڳي ڪري مذڪوره جعلي ۽ ڪوڙو پاور آف اٽارني پنهنجي نالي تي غيرقانوني طرح منهنجي ڪوڙي صحيح ۽ لکت سان تيار ڪيو ۽ ڪرايو، جيڪو قانوني تقاضائن ۽ گُهرجن جي بلڪل ابتڙ آهي، جو سرسري نظر سان ڏسڻ ۾ ئي بلڪل ڪوڙو ۽ جعلي لڳي رهيو آهي، پر اگر ان جو گهرائيءَ سان جائزو ورتو وڃي ته اِهو نظر ايندو ته اُهو جعلي پاور آف اٽارني قانوني گُهرجن مطابق حد جي متعلقه سب رجسٽرار وٽ رجسٽرڊ هجڻ جي ابتڙ اسسٽنٽ مختيارڪار ڏوڪري، جنهن جي حد ۾ مذڪوره زمين ڪونه ٿي اچي، جو صرف اٽيسٽ ٿيل آهي، جيڪو پڻ اهڙي ڪوڙي ۽ جعلي ۽ غيرقانوني طرح جاري ٿيل ۽ گهربل ماليت جي فيس کان تمام گهٽ ماليت جي فيس جي دستاويز تي ٺهيل آهي، جنهن کي ٽريزري آفيس مان جاري ڪندڙ آفيسر جي صحيح، نالو، تريخ ۽ مُهر لڳل ڪونه آهي ۽ پڻ وڪرو ڪندڙ اسٽامپ وينڊر جو نالو، صحيح وڪري جي تاريخ ۽ مُهر لڳل ڪونه آهي ۽ جوابدار موتي رام جي صحيح بطور اٽارني پڻ ڪونه ورتي وئي آهي، جڏهن ته مذڪوره دستاويز تي ان جو نالو بطور خريد لکيل آهي پر سندس صحيح ڪئي به ڪونه ٿيل آهي. ساڳيءَ ريت مذڪوره جعلي پاور آف اٽارني سان نه ئي جوابدار موتي رام جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي منسلڪ آهي ۽ نه ئي منهنجي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي لڳل اهي ۽ فقط منهنجي هڪ تصوير لڳل اهي، جيڪا پڻ منهنجي ڪنهن ٻئي ڪاغذ مثلاََ مختيارڪار آفيس ۾ پيل منهنجي پاس بوڪ جي ٻي ڪاپي تان لاهي هن جعلي پاور آف اٽارني تي لڳائي وئي آهي. اها به حقيقت آهي ته جعلي پاور آف اٽارني تي نه ئي شاهدن جي شناختي ڪارڊن جا نمبر لکيل آهن ۽ نه ئي اهڙيو ڪاپيون مُنسلڪ آهن ۽ پڻ اٽيسٽ ڪندڙ آفيسر جو نوٽ ته ”هِن جنرل پاور آف اٽارنيءَ جي لکت ۽ شرائط پاور ڏيندڙ کي پڙهي ٻڌايون ويون يا ان پاڻ پڙهي، انهن کي سچو ۽ درست تسليم ڪري منهنجي سامهون صحيح ڪئي“ لکيل ڪونه آهي ۽ جوابدار موتي رام بابت پڻ اهو لکيل ڪونه آهي ته هو منهنجي اٽارني طور اهڙيون ذميواريون قبول ڪري ٿو. اٽيسٽ ڪندڙ آفيسر جي صحيح ۽ مُهر پڻ ڪوڙي ۽ جعلي آهي، سندس صحيح بابت اِن ڳالهه جي تصديق ڪندي جعلي پاور آف اٽارني ۾ ڏيکاريل اٽيسٽ ڪندڙ آفيسر مسعود احمد ٻڳهيو هن ڪيس جي جانچ آفيسر وٽ پنهنجو بيان تاريخ 10.09.2014 قلمبند ڪرائيندي چيو آهي ته مذڪوره پاور آف اٽارني تي سندس صحيح ڪونه آهي ۽ اها صحيح ڪوڙي آهي ۽ ماڻهوءَ هن جي صحيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جو ان بابت آءُ وڌيڪ وضاحت مذڪوره آفيسر جي ان بيان جو ذڪر ڪندي وضاحت مذڪوره آفيسر جي اِن بيان جو ذڪر ڪندي هيٺ ڪندس. باقي جعلي پاور آف اٽارني تي لڳل ڪوڙي مُهر بابت منهنجو چوڻ آهي ته اِن مُهر جي ڪوڙي هجڻ جي تصديق پڻ مختيارڪار ڏوڪريءَ، P.S SHO دڙي جي ليٽر نمبر CR.69/2014 تاريخ 24.09.2014 تحت گهريل مختيارڪار آفيس ڏوڪري جي سال 2001 جي اسٽيمپ جي سيل جو سيمپل ۽ تصديق جو جواب پنهنجي ليٽر نمبر 1478 تاريخ 01.10.2014 تحت ڏيندي ڪئي آهي، جنهن ۾ هُن مختيارڪار روينيو ڏوڪري جي رائونڊ اسٽيمپ سيمپل طور هڻندي لکيو آهي ته سال 1999 کان 31.08.2014 تائين سندس آفيس ۾ اِها رائونڊ اسٽيمپ استعمال هيٺ هئي. جو اُن اسٽيمپ جي سيمپل جي مذڪوره جعلي پاور آف اٽارني تي لڳل اسٽيمپ سان ڀيٽا ڪرڻ سان چڱيءَ ريت ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي ۾ تمام گهڻو فرق آهي، ظاهر ڪري ٿو ته اها اسٽيمپ ڪوڙي آهي، جيڪا مذڪوره جوابدارن غيرقانوني طريقي سان ۽ ٺڳي ڪندي تيار ڪرائي آهي ۽ استعمال ڪئي آهي. جو اِها پڻ حقيقت آهي ته مذڪوره جعلي پاور آف اٽارني تي منهنجي پاران ڪيل لکت ۽ تاريخ لکڻ جي طريقي کان بلڪل الڳ ۽ مختلف آهي ۽ ڪنهن تمام گهٽ تعليم يافته شخص جي لکت ۽ تاريخ لکڻ جي طريقي وانگر اهي، جڏهن ته آءُ هڪ اعلٰي تعليم يافته شخص آهيان ۽ ڪڏهن به منهنجي هٿ جي لکائي ۽ تاريخ لکڻ جو اهڙو طريقو ناهي رهيو، تنهنڪري اِها حقيقت پڻ ان پاور آف اٽارني کي ڪوڙو ۽ جعلي ثابت ڪري ٿي. هونئن به جيئن آءُ مٿي چئي چڪو آهيان ته منهنجو هن جوابدار سان ڪوبه واسطو ۽ تعلق ڪونه رهيو آهي ۽ آءُ ان کي سڃاڻيندو به ڪونه هيس، تنهنڪري مون پاران مذڪوره پاور آف اٽارني کيس ڏيڻ ۽ پنهنجي زمين جوابدار لعل بخش کي لکي ڏيڻ جي هدايت ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اها به حقيقت آهي ته مذڪوره زمين منهنجي ۽ منهنجي گهر واري ڊاڪٽر ڀڳوانت ديوي جي گڏيل ۽ اڻ ورهاست ٿيل آهي، تنهنڪري قانون موجب اهڙي گڏيل ۽ اڻ ورهاست ٿيل زمين جو ڪوبه هڪ حصيدار مالڪ اڪيلي طور اها زمين نه وڪرو ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي ان جو ڪنهن کي اٽارني پاور ڏئي سگهي ٿو، جيئن مذڪوره جوابدار اسانجي زمين جي سلسلي ۾ ڪيو آهي، تنهنڪري اها حقيقت به مذڪوره پاور آف اٽارني کي غير قانوني ظاهر ڪري ٿي جو جوابدار موتي رام جي ان ڳالهه جو ته مون هن کي مذڪوره زمين جوابدار لعل بخش مڱريو کي لکي ڏيڻ لاءِ چيو هو، ڪو به ثبوت يا گواهه موجود ڪونه آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو ذڪر مذڪوره جعلي پاور آف اٽارني ۾ ٿيل آهي ۽ نه ئي جوابدار لعل بخش مڱريو جو نالو لکيل آهي، جيڪا حقيقت پڻ جوابدار موتي رام جي اهڙي بيان کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. جو جوابدار موتي رام جو وڌيڪ اهو چوڻ ته زمين جا ريٽ وڌي وڃڻ جي ڪري آءُ لالچ ۾ اچي ويو آهيان ۽ هن کي پاور آف اٽارني نه ڏيڻ وارو بيان ڏيڻ لاءِ پريشرائيز ڪري رهيو آهيان، بلڪل به بي بنياد، ڪوڙ تي ٻڌل ۽ بدنيتي تي مبني آهي ۽ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئيءَ جي چوڻ تي بيان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حقيقت اها آها ته آءُ جوابدار موتي رام کي اڳ ڏٺو ئي ڪونه هيو ۽ کيس ڪوبه پاور آف اٽارني ڏنو ئي ڪونه هيو ته کيس ان تان دستبردار ٿيڻ لاءِ پريشرائيز ڪرڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي ۽ جوابدار موتي رام جو اهو چوڻ پڻ ڪوڙ ۽ غلط آهي ته مون هن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ اڃا به ڪرائي رهيو آهيان، پر حقيقت اها آهي ته مون ڪي به ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن پر جيڪي به ڪيس داخل ڪرايا آهن، اهي بلڪل حقيقت تي مبني آهن. جيتريقدر فرسٽ سينيئر سِوِل جج لاڙڪاڻو جي ڪورٽ ۾ سِوِل ڪيس 8/2014 جي هلندڙ هئڻ جو بلڪل اِن ڪورٽ سڳوريءَ ۾ هلندڙ آهي، پر جوابدار موتي رام اِن ڪيس ۾ تعميلات باوجود شامل ڪونه ٿيو آهي ۽ نه ئي پنهنجو جواب دعويٰ سان داخل ڪرايو آهي، ڇو ته هُو سمجهي ٿو ته مذڪوره ڪورٽ ۾ هِن جو جعلسازيءَ سان تيار ڪيل پاور آف اٽارني ڪوڙو ۽ جعلي ثابت ٿيندو، تنهنڪري هُو هن ڪيس کي منهن ڏيڻ کان پرهيز ڪري رهيو آهي ۽ لنوائي رهيو آهي. جو هن جو اِهو چوڻ ته منهنجون مذڪوره پٽيشنون معزز عدالت عاليه لاڙڪاڻو رد ڪيون آهن، بلڪل ڪوڙ آهي، پر اها حقيقت آهي ته عدالت سڳوري مون کي سِوِل ڪورٽ ۾ اهڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، جو مون اهڙو ڪيس ذڪرل ڪيل عدالت ۾ داخل ڪيو، جيڪو هلندڙ آهي، باقي جوابدار موتي رام جو اهو چوڻ آهي ته آءُ سِول ڪورٽ ۾ مذڪوره ڪيس هلائڻ کان لنوائي رهيو آهيان بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي. حقيقت ۾ ان ڪيس ۾ ڪجهه درمياني درخواستون جن ۾ اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ ۽ توهين عدالت جون درخواستون پڻ هلندڙ آهن، جن جو مين ڪيس هلڻ کان اڳ فيصلو ٿيڻ ضروري آهي، پر جوابدار ڌُر انهن درخواستن کي هلائڻ کان لنوائي رهيو آهي، جنهنڪري ڪيس جي اُڪلاءَ ۾ دير ٿي آهي، جڏهن ته جوابدار موتي رام جي اِن ڪيس ۾ شامل ٿيڻ جي بنا اهڙيو بيان ڏيڻ ظاهر ٿو ڪري ته ان اِهو بيان جوابدار ڳهڻو خان جتوئيءَ ۽ جوابدار معشوق علي جتوئيءَ جي چوڻ تي ڏنو آهي، جيڪو انهن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت ظاهر ڪري ٿو. وڌيڪ جوابدار موتي رام جو چوڻ ته آءُ هن مٿان هي ڪوڙي FIR ڪرائي حراسان ڪري رهيو آهيا ۽ اِن FIR جي ڪواشمينٽ جي اهڙي درخواست هن هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي آهي، جيڪا هلندڙ آهي، جي جواب ۾ منهنجو چوڻ آهي ته نه مون هن جي خلاف ڪوڙي FIR داخل ڪرائي آهي ۽ نه ئي هن کي حراسان ڪري رهيو آهيان، پر مون مذڪوره جوابدار جي طرفان منهنجي خلاف ڪيل جعلسازيءَ ۽ فراڊ جي ڏوهه خلاف قانون مطابق، سندن خلاف سچو ۽ حقيقي ڪيس داخل ڪرايو آهي ۽ سِوِل ڪيس سان گڏوگڏ ڪرمنل ڪيس داخل ڪرائڻ منهنجو قانوني ۽ آئيني حق آهي جنهن جو فيصلي جو اختيار مجاز عدالت کي آهي ۽ اهڙي فيصلي اچڻ کان اڳ هن ڪيس کي ڪوڙو چوڻ عدالت سڳوريءَ تي عدم اعتماد جي برابر آهي، تنهنڪري جوابدار جو اهو بيان بي بنياد آهي ۽ قانوني طريقي سان داخل ٿيل ڪيس کي حراسمينٽ چوڻ خود جوابدار طرفان غيرقانوني ذهن رکڻ ظاهر ٿو ڪري، جيڪڏهن ته جوابدار جي ڪواشمينٽ جي درخواست تي عدالت سڳوريءَ جي فيصلي اچڻ کان اڳ هن جو مذڪوره FIR کي ڪوڙو چوڻ، وقت کان اڳ فتويٰ جاري ڪرڻ جي مترادف آهي. جوابدار موتي رام جو اهو چوڻ بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي ته هن منهنجي خلاف سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ حراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، پر حقيقت اها آهي جوابدار موتي رام جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي چوڻ تي هن ڪيس تان ۽ پڻ ٻين ڪيسن تان هٿ کڻائڻ لاءِ مون کي پريشرائيز ڪرڻ خاطر، نه صرف جوابدار موتي رام پاڻ پر پنهنجي پٽ هريش ڪمار جي ذريعي منهنجي خلاف، منهنجي پٽ ڊاڪٽر راڪيش ڪمار، منهنجي هاري، ڪمدار ۽ چوڪيدار خلاف ڪوڙويون FIR داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت جناب سيشن جج لاڙڪاڻو ۾ زيرقلم 22-A&B ڪپڪ تحت مٿي ذڪري ڪيل درخواستون داخل ڪرايون. جيڪي پڻ جوابدار موتي رام ۽ سندس پٽ خلاف ثابت ٿيون. جو جوابدار جو وڌيڪ منهنجي خلاف توهين آميز ۽ دل آزار الفاظ استعمال ڪندي اِهو چوڻ ته آءُ فراڊي ۽ ڪوڙو شخص آهيان ۽ ڪوڙويون چيڪون ڏئي زمين پنهنجي نالي لکائي آهي ۽ مالڪ کي پئسا ڪونه ڏنا آهن، تنهنڪري عدالت مون کي جيل موڪليو هيو، بلڪل ڪوڙ، بي بنياد ۽ حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ جوابدار ڳهڻو خان جتوئي ۽ جوابدار معشوق علي جتوئي جي چوڻ تي بيان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته نه آءُ فراڊي آهيان ۽ نه ئي ڪوڙو آهيان پر هڪ عزتدار، قانون جو پابند، امن پسند، اعلٰي تعليم يافته ۽ ڊاڪٽري پيشي سان وابسطه شهري آهيان ۽ مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪوڙ ڪونه ڳالهايو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان ڪو فراڊ ڪيو آهي، بلڪه ان بابت آءُ سوچي به نه ٿو سگهان. مون ڪڏهن به ڪنهن شخص کي ڪابه ڪوڙي چيڪ ڪونه ڏني آهي ۽ نه ئي ان جي آڌار تي زمين پنهنجي نالي تي لکائي آهي ۽ نه ئي ان بنياد تي جيل وڃي چڪو آهيان، پر حقيقت اِها آهي ته مون مذڪوره زمين جوابدار ڳهڻو خان کان ۽ ٻين مالڪن کان ان جو پوري قيمت ادا ڪري لکري ورتي هئي ۽ جوابدار ڳهڻو خان کي ڏنل اصل چيڪ پئسن جي ادائيگي بعد واپس ورتو هيو، پر جوابدار ڳهڻو خان جتوئي بدنيتيءَ سان ان چيڪ جي فوٽو ڪاپي جي آڌار تي اهڙو ڪوڙو ڪيس منهنجي خلاف داخل ڪرايو هيو، جيڪو پڻ عدالت سڳوريءَ مون کي باعزت بري ڪندي ختم ڪري ڇڏيو هيو، تنهنڪري جوابدار موتي رام جو اهو بيان بلڪل ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي.